اسلام آباد (م ڊ) آمريڪا جا ٻه اعليٰ سطحي وفد هلندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا. پهريون وفد آمريڪي پرڏيهي وزارت جيسينيئر اهلڪار ايريڪ مئير جي قيادت ۾ 8 کان 10 اپريل تائين دورو ڪندو، ان دوران وفد ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار وڌائڻ بابت معاملن تي ڳالهائيندو. 10 کان 15 اپريل تائين دورو ڪندڙ ٻيو وفد آمريڪي ڪانگريس تي ٻڌل هوندو، دوري ۾ معيشت، واپار، دفاعي، عسڪري لاڳاپا ۽ تعليم جهڙا اهم معاملا ايجنڊا جو حصو هوندا. ڪانگريس جي وفد جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي، آمريڪي ڪانگريس ميمبر جنرل جيڪ برگمين ۽ ٽام سوزي وفد جي قيادت ڪندا. ڪانگريس جو وفد وزيراعظم، پرڏيهي وزير سميت مختلف سياسي جماعتن جي قيادت سان ملاقات ڪندو. وفد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو به ڪندو، جتي ان کي والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال ۽ لائن آف ڪنٽرول تي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته آمريڪي وفد ڪرتارپور راهداري جو پڻ دورو ڪندو.