ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊائريڪٽر ڪچي آبادي ۽ هيومن سيٽلمينٽ ڪاشف خان کي ذاتي طور طلب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي آهي ته هو 7 اپريل تي درخواست گذار عمران جي پگهار جو رڪارڊ گڏ آڻي پيش ٿئي. درخواست گذار جي وڪيل زاهد ناريجو موجب، هن ڪاشف خان جي گريڊ 20 جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي مقرري کي چئلينج ڪيو آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته ان عهدي لاءِ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (PAS) جي آفيسر جي مقرري ضروري آهي، جڏهن ته ڪاشف خان ان سروس جو حصو ناهي، 1 جنوري 2025 تي سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
-
صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت واري درخواست تي ايف آءِ اي کي ٻيهر نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايف آءِ اي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا، جيڪي عيد جي موڪلن سبب اڳ نه ملي سگهيا هئا. فرحان ملڪ تي پيڪا ايڪٽ تحت غيرقانوني ڪال سينٽر هلائڻ جو الزام آهي.