ڪراچي / حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز ۾ 4 سالن بعد مستقل چيئرمينز مقرر ڪيا ويا آهن، غلام حسين سوهو کي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مشرف علي راجپوت کي سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح حيدر آباد تعليمي بورڊ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ريٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد چانڊيو، نوابشاهه تعليمي بورڊ ۾ قائد عوام انجينئرنگ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر آصف علي ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، ميرپور خاص تعليمي بورڊ ۾ ريٽائرڊ ايڊيشنل سيڪريٽري منصور راجپوت، سکر تعليمي بورڊ ۾ سنڌ مدرسه جو پروفيسر زاهد حسين چنڙ جڏهن ته لاڙڪاڻه بورڊ ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر خالد حسين مهر کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس امجد علي سھتو ۽ جسٽس امجد ٻوھيو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ چيئرمين جي اميدوار احمد علي بروهي، عبدالجبار ۽ سڪندر ميرجت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران جسٽس امجد سھتو پڇيو ته چيئرمين کي ڀرتي ڪرڻ جو ڇا ميڪنزم آھي؟ چيئرمين کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ سرچ ڪميٽي جي ميمبرن ھر ھڪ اميدوار جون الڳ الڳ مارڪون لکيون ھونديون، انھي جو مڪينزم ڪٿي آھي؟ درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاھي ڏني ته تعليمي بورڊن جي چيئرمين جي مقرري لاءِ لکت ۽ زباني انٽرويو جي نتيجن مھل جيوري جي به وڊيو رڪارڊنگ ناھي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار پاران ڄاڻايل ڪيس ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽنگ مرحلي بابت مڪيزم عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڪلاڪن تائين جاري رکي، دليل ٻڌڻ بعد عدالت پاران ڏنل اسٽي ۽ درخواست رد ڪندي سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي 8 تعليمي بورڊن جي چيئرمين جي نون نالن واري سمري وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو آھي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ٿيندو.