منهڙو(پ ر) منھڙو ڀرسان ڀيڄ پاڳارا اسٽاپ تي عوامي تحريڪ جي ميزباني ھيٺ درياهه بچايو جلسو ٿيو، جنھن ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عبدالستار رند، مير پرويز دائود پوٽو، عوامي تحريڪ ضلع نوابشاھ جي صدر امير مغيري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امتياز ڏاھري، راڻو ڪنڊاڻي، فقير علي نواز ڏاهري خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي غير قانوني ٺھندڙ ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌ جي ماڻهن جي پر امن جدوجهد جاري آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش رٿي وئي آھي، جنھن ۾ سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽي حصيدار آھي، اسان سنڌ جي سمورن باشعور ماڻھن کي گڏ ٿيڻ جي صلاح ڏيون ٿا ۽ چئون ٿا ته اچو ننڍا وڏا عورتون ٻار ٻڍا سڀ گڏجي اسان جي ھلندڙ جدوجھد ۾ شامل ٿيو ۽ ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻندڙ حڪمران ڌر کان حساب ڪتاب وٺون ۽ اسان جا جيڪي به گذر جا وسيلا آھن انھن تي پھريون حق سنڌين جو آھي، سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن، سنڌ جون زمينون بي زمين سنڌي ھارين ۾ ورھايون وڃن، هنن چيو ته اسان جي پر امن جدوجھد جاري رھندي جيسيتائين ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان نٿو ڪيو وڃي.