اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جولاءِ 2024ع ۾ چولستان ڪئنال رٿا جي منظوري ڏني هئي، هن ان رٿا جي اجازت پاڻ ڏني،هن وٽ اهو به اختيار آهي ته ان کي واپس وٺي سگهي ٿو،هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ان مقصد لاءِ گرين پاڪستان کي زمينون ليز تي به ڏنيون ويون آهن، اهو تاثر غلط آهي ته چولستان لاءِ سنڌودرياهه مان پاڻي ڏنو ويندو،جهلم ۽ چناب مان ان جو پاڻي ويندو،يوسف رضا گيلاني به چيو آهي ته اسان کي انهن ڪئنالن تي ڪو خاص اعتراض ناهي،هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي اثر نه پوندو،ارسا به ان حوالي سان وضاحت ڏئي چڪي آهي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سي سي آءِ جو اجلاس ايتري عرصي کان نه ٿيو آهي،صدر جي اجلاس تي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا بڻائي وئي، ڪجهه ماڻهو بغض ۾ ڪئنالن جي گهٽ۽ پ پ جي وڌيڪ مخالفت پيا ڪن، هن چيو ته سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين،تڪراري منصوبا نه بڻجڻ گهرجن،هن چيو ته ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ ۾ سٺا ڪم ٿي رهيا آهن،صدر چيو هو ته صوبن لاءِ ڪئنال بهتر آهن ته ڀلي ٺاهيو،هن ڪنهن به رٿا جي منظوري ناهي ڏني، نگران حڪومت ۾ سنڌ ۾ زمينون ڏنيون ويون،اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ شئي پاڪستان آهي،