سي سي آءِ جي 8 مان 5 ميمبر ن ليگ جا عهديدار

اسلام آباد(قربان بلوچ)ڪئنال معاملي تي پي پي پي کي بري شڪست ملي چڪي آهي ۽ اها صوبائي قيادت پاران  ڏني آهي ٻينلفظن ۾ صوبائي قيادت پارٽي جي پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي.جنوري 2024 ۾ ارسا پاران چولستان ڪينال جي اين او سي ڏني وئي.سي ڊي ڊبليو پي پاران اهو منصوبو منظور ڪيو ويو.ان ۾ شريڪ سنڌ جي نمائندن صرف زباني ڪلامي اعتراض واريا.سنڌ سرڪار سي سي آئي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ لکيو.سي سي آئي صوبن کان ڪمينٽس گهريا.ان تي ڪي پي ۽ بلوچستان ڪمينٽس ڏنا سنڌ جا اڳئي  ڏنل هئا.سنڌ مطابق اين او سي  اڪارڊ جي پيرا 14 ڊي جي مطابق درست ناهي. پاڻي موجود ناهي. بلوچستان جتي پ پ جي حڪومت ۽ سرفراز بگٽي وزيراعليٰ آهي اتي نومبر 2024 ۾ ڪمينٽس ڏنا ويا جن مطابق 1991 جي معاهدي مطابق اها اين او سي درست آهي ۽ ڪو صوبي پنهنجي پاڻي کي ڪنهن به طرح سان واپرائي سگهي ٿو.ڪي پي سرڪار لکيو ته 19ع جي معاهدي مطابق اين او سي ٺيڪ آهر پر پاڻي ج منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم جي تنصيب ضروري آهي.. ان مان لڳي ٿو ته سواءِ خط لکڻ جي سنڌ سرڪار ڪو هوم ورڪ نه ڪيو.بلوچستان جي سندن پارٽي جي حڪومت ۽ ڪي پي سرڪار ان جي مخالفت ۾ ڪمينٽس ڏنا.اصل ۾ هنن جي نيت خراب آهي ۽ هي نه ٿيڻ ڏبو هو نه ٿيڻ ڏبو واري ڳالهه اجائي آهي.هن وقت سي سي آءِ ۾ 8 ميمبر آهن وزيراعظم ان جو چيئرمين آهي.مريم نواز بطور سي ايم، خواجه آصف، اسحاق ڊار اهي سڀ پنجاب  مان آهن.انجنيئر امير مقام  سندس تعلق ڪي پي سان پر ن ليگ جو عهديدار آهي.سو 8 مان پنج ميمبر سڌي ريت ن ليگ جا آهن.ٽن ميمبرن مان مراد علي شاه، سرفراز بگٽي ۽ علي امين شامل آهن. جن مان ٻن جا ڪمينٽس به ارسا جي حق ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.