پاڪستان جا ادارا ڪئنالن کي رد ڪندا:راشد شاهه راشدي

گمبٽ(عوامي آواز نيوز)پير پاڳاري جي پٽ راشد شاهه راشدي چيو آهي ته سنڌ جي درياهه تي سنڌ جي ماڻهن کان پڇڻ کان بغير ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن،اها زيادتي آهي،گمبٽ ۾ اڄ تقريبن ٻه وڳي پرامناحتجاج ڪيو ويندو،احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه نه ڪئي وڃي نه ئي مسافرن کي روڪيو وڃي،ان جاءِ تي پاڪستان زندهه باد جا نعرا به لڳڻ گهرجن،پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار سنڌ جو آهي،اڄ به پنجاب،بلوچستان يا ڪي پي نه سنڌ وڏو ڀاءُ آهي،اسان جا سمورا ادارا پاڪ فوج،سپريم ڪورٽ سڀ انهن گڏجي انهن ڪئنالن کي رد ڪندا، پيرپاڳاري جي ڀائيٽي اسماعيل شاهه راشدي چيو ته پ پ ڪئنالن واري رٿا تي منافقاڻو ڪردار ادا پئي ڪري،گمبٽ واسي اڄوڪي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن،هن چيو ته ڪئنالن جي اشو تي سنڌ ۾ بيچيني آهي،جيالا ڊرامو ڪري نعرو هڻندا آهن ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون پر هن ڀيري اسان جو نعرو آهي ڪجهه به ٿي وڃي مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون،6 ڪئنال اسان ٺهڻ نه ڏينداسين

  1. حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪئنالن خلاف ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌو درياءَ مان نوان ڇھ ڌاڙيل واھ ڪڍڻ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي نائب صدر عبدالحئي ڀٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، علي احمد ٽالپر، ايشور رٻاري، سرمد موريو، جنيد سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي والار جاري آھي، تازو ھاڻ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سامراجي ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي ته ٻئي پاسي سنڌ جي پاڻي تي گذريل ڏيڍ سؤ سالن کان ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ڊيلٽا مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي،هنن چيو ته  پيپلز پارٽي جي غدار وڏيرن اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جو پاڻي به وڪرو ڪري ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.