ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ميروخان ۾ ڀٽو پئٽرول پمپ کان عرضي ڀٽو چوڪ تائين احتجاجي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شامل سوين پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌو درياهه تي ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته 6 ڪئنال منصوبو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ موت جو منصوبو ۽ سنڌ جي وجود جي خلاف سازش آهي، پاڻي زندگي آهي ۽ پيپلز پارٽي ڪنهن کي به سنڌ جي ماڻهن جي زندگين سان کيڏڻ نه ڏيندي. هن چيو ته 6 ڪئنالن وارو منصوبو غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري. جيڪڏهن مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت ڪئنالن واري معاملي تي ضد تي آهي ته پوءِ سنڌ به ڪئنالن خلاف ضد تي هڪ آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه هئڻ جي ڪري سنڌ جي 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي بنجر بڻجي وئي آهي، سنڌو درياهه پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي روڊ رستا به ڏٺل آهن ۽ تحريڪون هلائڻ به اينديون آهن ان لاءِ سنڌ دشمن منصوبن کان پاسو ڪيو وڃي.مٺي ۾ پيپلزپارٽي پاران ضلع جنرل سيڪريٽري سشيل ڪمار ملاڻي،انجنيئر گيانچند،نندلال مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان پريس ڪلب مٺي تائين مشعل برادري ريلي ڪڍي وئي ڀريا ۾ پيپلز پارٽي ايم اي اي سيد حسن علي شاھ ۽ تعلقـ صدر پ پ سيد ظھر حسين شاھ جي اڳواڻي ۾ لال باغ کان ڀريا پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي پني عاقل ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ميان عبدالقوي انڍڙ، رشيد ڪورائي، شبير شيخ، ميان حفيظ انڍڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، لکي غلام شاھ ۾ پ پ ايم پي اي عارف خان مهر، پ پ اڳواڻ ڪامران خان مهر،ٽائون چيئرمين ديدار حسين ڀٽو، ٽائون آفيسر غلام اڪبر مهر جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي کان بس اسٽينڊ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي هوڏانهن ٽنڊوالھيار جي عوام پ پ پ جي ڏيکاءُ وارين ريلين ۾ شرڪت نه ڪئي. مشعل بردار ريلي جو پروگرام به نه ٿي سگھيو. پ پ جي 150 جي لڳ ڀڳ ماڻھن ٽنڊوالھيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ريلي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻھو کوکر ڳوٺ کان ذوالقرنين کوکر پاران آيل ھئا. خبر موجب ٽنڊوالھيار ۾ پ پ پ پاران ٽنهي تعلقن ٽنڊوالهيار، جهنڊومري ۽ چمبڙ جي صدرن جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. پ پ پ ڪارڪنن پاران نعريبازي ڪئي وئي. خبر موجب ٽنڊوالهيار ضلعي جي ٽنهي تعلقن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان تڪراري ڪئنالن خلاف ريليون ڪڍيون ويون. ٽنڊوالهيار تعلقي ۾ غلام قادر دل، غلام محمد باغي ڪنڀار جي اڳواڻي ۾، تعلقي جهنڊومري ۾ ضلعي نائب صدر مولا بخش ٿيٻو ۽ ضلعي چيئرمين ضلع ڪائونسل مير سهيل ٽالپر، تعلقه صدر صالح ميرجت، ٽائون چيئرمين نور محمد نظاماڻي، وائيس چيئرمين جاويد جمن لنڊ جي اڳواڻي ۾ ۽ چمبڙ تعلقي ۾ تعلقي صدر رمضان مري جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي وئي، خانپورمهر مان پ پ تعلقي صدر عبدالله شاھ بخاري، عبدالعزيز مهر، منظور احمد مهر، دستگير مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي خانڳڙھ مهر هائوس پهتي جتي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر خطاب ڪندي چيو ته پ پ سنڌ دشمن منصوبي جي حمايت نه ڪندي نوابشاهه ۾ضلع شهيد بينظير آباد جي صدر سالم خان زرداري، انفارمیشن سيڪريٽري راشد چانڊيو، نوابشاھ سٽي صدر خان بهادر ڀٽي، جنرل سيڪريٽري سيد عاطف حسين زيدي، ڊپٽي ميئر ميونسپل ڪارپوريشن شهيد بينظير آباد جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو شيراز چوڪ تان شمع بردار ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺٽي ۾ ريلي جي اڳواڻي تعلقي صدر عبدالحميد سومرو، ڀورو سرڪي، پ پ سٽي صدر عزيز پکيئڙو، غلام مجتبيٰ خشڪ، پ پ يوٿ جو جنرل سيڪريٽري نور حسين سرڪي، سھيل پليجو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا دادو ۾ پ پ پ تعلقي دادو جي صدر ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين شمس الدين عرف بابن خان پنھور جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي کي پ پ پ تعلقي دادو جي صدر بابن خان پنھور َغلام مرتضي قمبراڻي .محمد حسڻ قمبراڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو،سڪرنڊ ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد علي حيدر شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ مشعل برداري ريلي ڪڍي وئي جيڪا قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ کان شروع ٿي سڪرنڊ پريس ڪلب تائين پهتي جتي ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي ان موقعي تي سيد عذير اختر شاھ ، نور احمد لاکو ، عبدالرشيد ڪيريو ، هالار جمالي عطامحمد سيال ۽ ٻين خطاب ڪيو، ريليءَ ۾ عورتون پڻ فهميده ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ شامل هيون ان موقعي تي ڪاشف رضا سيال، نعيم انصاري ، دائود انڙ ، فرحان لغاري ، لطيف ملاح ، الهڏتو رند سميت پ پ جا سوين ورڪر موجود هئا جيڪي ڪينال سمورا نامنظور ، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا لڳائي رهيا هئا، هوڏانهن سکر ۾ ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ "سنڌو تي ڌاڙو نامنظور”، "پنجاب توسان جھيڙو آ ” جا نعرا هنيا ويا، ميئر خطاب ڪندي چيو ته اسين يقين ٿا ڏياريون ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن به قسم جا نوان ڪينال نه ٺهڻ ڏيندا، هوڏانهن ٽنڊي محمد خان ۾ پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري ، پ پ جي ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ، پيپلز يوٿ جي صدر سيد سلال شاهه ، پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي ، جنرل سيڪريٽري جمن ڪيهر ، پ پ تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي صدر پپو ميمڻ ، ٽنڊو غلام حيدر جي تعلقي جنرل سيڪريٽري محبوب نوتڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مشعل بردار ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوٽ غلام محمد ۾ پ پ تعلقه صدر حاجي محمد رفيق ڀرڳڙي، الله رکيو دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين پريس ڪلب ڪوٽ آڏو ڌرڻو هنيو.