حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد عيد جي ڏينهن المنظر ڄامشوري وٽ پل جي ٻنھي پاسي درياھه جي ڪنڌيءَ تي سنڌو درياھه تي ڇھن ڪئنالن اڏڻ واري وفاقي سرڪار جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري تاج جويي ۽ ٻين عھديدارن ۽ ميمبرن ڪئي، جن ۾ سليم چنا، گل سنڌي، ڊاڪٽر عزيز ٿيٻو، ضلعي رابطا سيڪريٽري مولا محبتي، پروفيسر نظير ملڪاڻي، عبداللطيف ملاح، وحيد ڳاھو ۽ صحافي حاڪم چانڊيو، آصف کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا. جن ‘پنجاب توسان جھيڙو آ، وفاق توسان جھيڙو آ، سنڌو سڪائڻ بند ڪريو، سنڌ کپائڻ بند ڪريو، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، سنڌ ڪنھن جي جاگير نه آ، سنڌ اسان جي ماءُ آ ۽ ٻيا نعرا ھنيا. مظاھري ۾ شريڪ ٿيندڙن کي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل ھيون. ان موقعي تي تاج جويي، مولا بخش محبتي، سليم چنا، ڊاڪٽر عزيز ٿيٻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياھه نه رڳو سنڌ جي ماڻھن، پر جانورن، پکي پکڻن، آبي جيوت توڙي وڻراھ جي زندگي ۽ جياپو آھي. سنڌ زرعي خطو آھي ۽ اسان جي ٻنين ۽ فصلن جو دارو مدار سنڌو درياھه تي آھي. پنجاب گذريل 200 سالن کان ۽ خاص ڪري پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌو درياھه مان غير قانوني واھه ۽ ڪئنال ڪڍي ڊيم ۽ بئراج اڏي رھيو آھي.