ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري معصوم پٽ آڏو قتل

ڪراچي( رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ طوبيٰ مسجد ڀرسان فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو. پوليس موجب واقعو مزاحمت تي ڦر جو نتيجو لڳي رهيو آهي. مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ عامر طور ٿي آهي، ڦر دوران شهري کي قتل ڪرڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ مقتول عامر کي ڪار جي ڀرسان بيٺل ڏسي سگهجي ٿو ، فوٽيج ۾ جوابدار ۽ مقتول جي وچ ۾ مزاحمت ڏسي سگهجي ٿي، فوٽيج موجب مقتول جو نوجوان پٽ به ساڻس گڏ موجود هو جيڪو محفوظ رهيو پر جوابدار عامر تي ٻار جي سامهون فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.