سڄي دنيا ۾ آٽزم جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال 2 اپريل تي عالمي آٽزم جي آگاهي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد آٽزم جي علامتن ان جي نوعيت، چيلينجز ۽ علاج جي باري ۾ معلومات مهيا ڪرڻ ۽ ان سان گڏ معاشري ۾ هن جي قبوليت ۽ حمايت کي هٿي ڏيڻ آهي.
آٽزم ڇا آهي؟
Autism Spectrum Disorder يعني آٽزم هڪ اهڙي دماغي بيماري يا خلل (Neurological and developmental disorder) آهي جنهن جي ڪري هڪ فرد جي سماجي لاڳاپن يا ڳالهه ٻولهه (Social Interaction) روين (Behaviors) ۽ دلچسپين تي اثر پوندو آهي. آٽزم جي تشخيص عام طور تي ٻن کان ٽن سالن کان ئي ٿيندي آهي ۽ ان جي شدت مختلف ٻارن ۾ الڳ الڳ هوندي آهي. هن بيماري جي نتيجي ۾ آٽزم ۾ ورتل فرد کي رابطو قائم رکڻ ۾ ڏکيائي، زبان کي سمجهڻ ۽ جذبات جي اظهار ڪرڻ ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي ٿو
آٽزم جون علامتون ۽ نشانيون :
سماجي ڳانڍاپي ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکيائي: هن بيماري جي شڪار ٿيل ماڻهن ۾ اڪثر ڪري Eye Contact يعني اکين جو رابطو نه ڪري سگهڻ، ڳالهه ٻولهه ۾ ردعمل ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ ٻين جي جذبات کي سمجهڻ ۾ مشڪل پيش اچڻ شامل آهي.
محدود دلچسپيون ۽ ورجائڻ وارو رويو:
هي ٻار اڪثر ڪري مخصوص ڪمن يا سرگرمين ۾ گهري دلچسپي رکندا آهن ۽ معمول کان هٽي ڪري بار بار هڪ ئي رويو ورجائيندا آهن، مثال طور هٿن کي مسلسل لوڏائڻ، ساڳيا مخصوص ڪپڙا پائڻ يا روز ساڳيو مخصوص کاڌو کائڻ، رانديڪن يا ٻين شين کي هڪ مخصوص ترتيب ۾ جمع ڪرڻ، مسلسل هڪ ئي راند کيڏڻ وغيره شامل آهي.
آٽزم جي بيماري ۾ ورتل ٻار آواز، روشني يا ٻين ماحوليات کان غير معمولي حساسيت جو شڪار ٿي سگهن ٿا.جنهن سان هنن جي روز مرهه جي زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي، ان کان علاوه هنن ٻارن جي آواز ڪڍڻ يا ڳالهائڻ ۾ تاخير يا محدود زبان جو استعمال ڪرڻ جنهن سان هنن جي لفظن ۽ جملن جو پاڻ ۾ تڪرار شامل هوندو آهي،
وڏي عمر جي ماڻهن جون علامتون :
وڌنڌڙ عمر جي حصي سان گڏ آٽزم جي علامتن ۾ واضح تبديليون اچي سگهن ٿيون جيئن سماجي تعلقن ۾ مونجهارا اچڻ، دوستيون ٺاهڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ، سماجي ميل جول ۽ محفل کان ڪيٻائڻ ان سان گڏوگڏ وڌندڙ عمر ۾ آٽزم جي ماڻهن ۾ محدود يا مخصوص موضوعن ۾ غير معمولي دلچسپين جي ڪري جا ٻين سان رابطه محدود ٿي ويندا آهن. گوڙ شور، روشني يا گهڻي پيهه يا رش واري جڳهه تي هي ماڻهو سولائيءَ سان پريشان ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا آهن.
آٽزم جا سبب : ماهرن مطابق جيتوڻيڪ هن Neurological Disorder جا سبب مڪمل طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر تنهن هوندي به تحقيق سان اهو پتو پئجي سگهيو آهي ته مختلف جينياتي، ماحولياتي، ۽ حياتياتي ڪارڻ هن بيماري جي پيدا ٿيڻ جا سبب بڻجي رهيا آهن.
جينيتاتي تبديليون يعني DNA ۾ واقع ٿيندڙ تبديليون دماغي نشونما ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز کي متاثر ڪري سگهن ٿيون جيڪا پوءِ آٽزم جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان کان علاوه جيڪي ٻيا عنصر آٽزم جا سبب بڻجن ٿا انهن ۾ خانداني پس منظر، فضائي آلودگي، جينياتي بيماريون حمل دوران ماءُ ۾ فلو يا پيشاب جي نالي جو انفيڪشن، دماغي ڪيميڪلز ۾ عدم توازن، حمل دوران هارمون جون تبديليون، وڏي عمر جا والدين (خاص ڪري والد) ۽ غذائي ڪمي حمل دوران فولڪ ايسڊ جي گهٽتائي وغيره شامل آهن.
تشخيص ۽ ابتدائي مداخلت : آٽزم جي بروقت ۽ درست تشخيص نهايت اهم آهي ابتدائي مداخلت ذريعي هن بيماري جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
ماهرن جي تشخيص : نفسياتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن جي طرفان خصوصي تشخيصي ٽيسٽ ۽ مشاهدن ذريعي آٽزم جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
شروعاتي مداخلتي پروگرام: جيئن هن جي تشخيص ٿي وڃي خصوصي Therapies علاج ۽ تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن ٿا ته ٻارن جي سماجي, تعليمي، ۽ جذباتي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن.
مختلف ٿراپيز- علاج جا طريقا (Therapeutic Approaches) آٽزم ۾ ورتل ٻارن جي علامتن (Symptoms) کي گهٽائڻ لاءِ هيٺيان علاج ڪيا وڃن ٿا.
ڳالهه ٻولهه وارو علاج (Speech Therapy)
هن ٿراپي ذريعي اچارڻ، ڳالهائڻ جي صلاحيت کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
احساسي ڳانڍاپي وارو علاج: (Sensory Integration Therapy) حس جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي هن ٿراپي کي استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن آواز، روشني ۽ ٻين محرڪن جي ڪري پيدا ٿيندڙ اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي.
روين واري ٿراپي : (Behavioral Therapy)
مخصوص روين کي بهتر بڻائڻ لاءِ ۽ منفي روين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف روين واري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويندي آهي. روز مره جي ڪم ڪرڻ واري ٿراپي (Occupational Therapy) هن ٿراپي جي علاج ذريعي آٽزم ۾ مبتلا ٻارن ۾ روز مرهه جي ڪمن ڪارن کي سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي. جيئن کاڌو کائڻ، برش ڪرڻ، ڪپڙا پائڻ يا روز مرهه جو ڪو ڪم ڪرڻ وغيره. ان کان علاوه فزيڪل ٿراپي، ووڪيشنل ٿراپي ۽ سماجي رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سوشل اسڪلز ٽريننگ پڻ ڏني ويندي آهي.
چيلينجز، مسئلا ۽ مونجهارا :
اسڪول ۽ ڪلاس روم ۾ ڏکيائي: آٽزم جي ٻارن کي تعليمي ماحول ۾ مخصوص سهولتون ۽ خصوصي تدريسي طريقن جي ضرورت هوندي آهي. انهن سهولتن جي کوٽ ٻارن جي تعليمي ڪارڪردگي کي متاثر ڪري ٿي.
سماجي قبوليت جي ڪمي، آٽزم جي باري ۾ بنيادي معلومات جو نه هجڻ ۽ غلط فهميون سماجي سطح تي انهن جي حوصلا افزائي ۽ پذيرائي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. خانداني دٻاءُ: اسان جي معاشري ۾ آٽزم ۾ ورتل ٻار جو ڪٽنب انهن جي ترتيب ۽ انهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ کوڙ سارين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان کان علاوه سماجي تنقيد ۽ عدم تعاون به هنن ٻارن جي خاندان تي اضافي بار وجهن ٿا.
اڪيلائي ۽ مونجهارو: سماجي رابطو نه ٿيڻ ڪري آٽزم وارا ماڻهو اڪثر تنهائي، بي چيني ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڊپريشن جهڙن مسئلن کي منهن ڏين ٿا.
خود اعتمادي جو فقدان: معاشري جي روين ۽ ناڪامين جي سبب هنن ماڻهن ۾ خود اعتمادي ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي جنهن ڪري هي پنهنجي صلاحيتن کي پوري طرح استعمال نه ڪري سگهن ٿا.
مددگار تدبيرون ۽ تعليمي پروگرامز :
خصوصي تعليم: اسڪولن ۾ خصوصي تعليم جي پروگرامز ۽ ڪلاس رومز جو هجڻ آٽزم ۾ ورتل ٻارن لاءِ نهايت ئي اهم آهي ته جيئن انهن جي سکڻ جي صلاحيتن کي اڳتي وڌائي سگهجي.
ڪٽنب جي مدد: هڪ آٽزم واري ٻار جي ڪٽنب کي تربيتي ورڪشاپس، مددگار گروپس ۽ صلاح مشوري واريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن هو ٻارن جي ضرورتن کي بهتر نموني سمجهي انهن جي مدد ڪري سگهن.
ڪميونٽي سپورٽ: مقامي سطح تي اين جي اوز ۽ ٻيون تنظيمون هنن جي مدد ۽ انهن جي حقن لاءِ سرگرم عمل هجن. پاڻ وٽ هن وقت سنڌ ۾ DEPD- Department of Empowerment of Persons with Disabilities حڪومت سنڌ طرفان خصوصي تعليم ۽ بحالي جا 66 سينٽرز ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ لڳ ڀڳ 5000 خصوصي ٻارڙا داخل آهن. جن ۾ آٽسٽڪ ٻارڙن سان گڏ ٻيا خصوصي ٻار جن ۾ بينائي کان محروم ٻارڙا (Visually impaired) ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم ٻارڙا (Hearing impaired) جسماني معذوري وارا ٻار (Physically Handicapped)، ذهني معذوري Intellectual Disability دماغي فالج (cerebral Palsy) ۽ ڊائون سينڊروم وارا ٻار داخل آهن. جن کي مفت تعليم سان گڏ انھن جي صحت ۽ بحالي لاء مختلف ٿراپيز ذريعي علاج ڏنو وڃي ٿو٠ ان سان گڏ ھنن خصوصي ٻارن کي مفت ٽرانسپورٽ جي سھولت’ ڪتاب’ يونيفارم’ اسڪول شوز منجھند جي ماني ۽ ٽماھي وظيفو ڏنو وچي ٿو ـ
ان کان علاوه سنڌ حڪومت طرفان 2018ع ۾ آٽزم جي ٻارڙن جي علاج واسطي C-ARTS يعني Center for Autism, Rehabilitation and Training Sindh) قائم ڪيو ويو جيڪو هن وقت سنڌ جي چئن شهرن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جن ۾ ڪراچي ۾ ٽي سينٽر. ٻه حيدرآباد ۾ ھڪ سکر ۾ ۽ هڪ گمبٽ ۾ موجود آھي جڏهن ته نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ هن جو ڪم هلندڙ آهي.
ھن اداري جي سي اي او ڊاڪٽر ادريس مطابق ھن وقت هن اداري ۾ 950 ٻار داخل آهن جن کي انهن جي ضرورت مطابق مختلف ٿراپيز ذريعي علاج ڏنو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ آٽزم جي صورتحال :
پاڪستان ۾ آٽزم جي باري ۾ شعور ۽ آگاهي جي ڪمي آهي. گهڻو ڪري والدين ۽ استاد هن بيماري کي صحيح طرح سمجهي نٿا سگهن. جنهن ڪري آٽزم کان متاثر ٻارن کي مناسب سهولتون ۽ تربيت نه ٿي ملي. گڏوگڏ اسان وٽ آٽزم جي نشاندهي لاءِ جديد ترين سائنسي اوزار ۽ معياري طريقيڪار جي گهٽتائي آهي هن بيماري جي تشخيص لاءِ گهڻو ڪري ماهر نفسيات ۽ استادن جي مشاهداتي رپورٽس تي انحصار هوندو آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته آٽزم جي نشاندهي لاءِ ڪائي خاص سهولت به موجود نه آهي.
¨ آٽزم ۾ مبتلا ماڻهن جي بهتري لاءِ هيٺيان قدم کڻي سگهجن ٿا.
¨ •هن بيماري جي باري ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي.
¨ •استادن ۽ والدين جي تربيت لاءِ خصوصي ورڪشاپس جو انعقاد ڪيو وڃي.
¨ •آٽزم جي باري ۾ تحقيق کي همٿايو وڃي.
¨ •خصوصي تعليمي نصاب ۽ تربيتي مرڪز شھرن توڙي ڳوٺن ۾ قائم ڪيا وڃن.
¨ •آٽزم جو شڪار ٿيل ماڻهن ۾ ملازمتن جا موقعا مُهيا ڪيا وڃن.
¨ •سرڪاري اسپتالن ۾ آٽزم جا خصوصي يونٽ قائم ڪيا وڃن.
¨ •جديد سائنسي نشاندهي وارا اوزار متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن صحيح ۽ بروقت تشخيص ممڪن ٿي سگهي.
آٽزم هڪ اهم مسئلو آهي جنهن جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ترقي يافته ملڪن جي مثالن کان سکندي حڪومت سان گڏ اگر سماجي تنظيمون ۽ عوام ملي ڪري ڪم ڪري ته هن بيماري ۾ ورتل ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ انهن کي هڪ باوقار ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ جو موقعو مُهيا ڪري سگهجي ٿو.