ڪامريڊ حورالنسا جي ماضي ۽ حال واري جدوجهد جو داستان

تحرير: ذوالفقار راڄپر

جنگ شاهي جي گرم ٽڪرين جي اوٽ ۾ برساتي پاڻيءَ جي آڌار تي اڏيل، گرميءَ جي گرم ترين لڪن واري خشڪ سالي ۽ سياري جي ٿڌڙين هوائن جي آڌارتي قائم قديم ڳوٺ منگر پليجو جي مڇي مانيءَ لائق هڪ گهراڻي ۾ جهنگ شهرجي ريلوي اسٽيشن تان گذرندڙ ريل جي ڪوڪ ۽ اسٽيشن تي لسي وڪڻندڙن جي هوڪن جي منفرد آوازن، ٻڪرين، ڳئڻ جي چرڻ جي آوازن ۾ پنهنجن ٻن عظيم، ڳوٺ ۽ خاندان جي چالو رواجن رسمن کان مختلف ۽ انهن کي للڪاريندڙ ڀائرن رسول بخش پليجو ۽ غلام قادر پليجو جي طاقتور ساٿ جي آڌار تي جن ٻن ڀينرن غلام فاطمه پليجو ۽ حورالنسا پليجو پنهنجي منفرد ۽ غيرمعوملي ماءُ لاڏ ٻائي جي پيٽ مان جڏهن جنم ورتو هو، تڏهن سندن ڳوٺ ۽ خاندان ۾ عورت جي عزت ان ۾ هوندي هئي ته هو مرد جو شان رکڻ لاءِمردن جو تشدد برداش ڪن ۽ پنهنجي زال سان گڏ ويهي خوش ٿي ڪچهري ڪرڻ مرد جو عيب سمجهيو ويندو هو ، لاڏ ٻائيءَ جي اها خوشنصيبي هئي ته  سندس ور سرڪاري ملازم هئڻ ڪري اڪثر پنهنجن ٻارن ٻچن سميت منگهو پير ڪراچي کان وٺي ٺٽي شهر تائين ڳوٺ کان پري  ٻاهر رهندو هو.جڏهن ادي حور النسا ۽ غلام فاطمه پليجو منگر پليجو جي مٽيءَ واري زمين تي بانبڙن پائڻ بعد پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن وڏن ڀائرن جو هٿ پڪڙي هلڻ سکيو هو ته انهن کي شايد پنهنجي مسقبل ۾ پنهنجي وطن سان وفاداري ۽ انقلابي قافلن جي اڳواڻي ڪندي سختيون ۽ مصيبتن سهڻ ۽ پيرين پنڌ سنڌ جي غلامي خلاف ويڙهه ڪندي ماسڪو، ڀارت، لنڊن ۽ لاهور، لاڙڪاڻي،ڪنڌڪوٽ، حيدرآباد ۽ ڪراچي شهر جي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين  ايران، افغانستان ، انگولا، چين، روس ۽ فلسطين جهڙين سورمين واري ڪردار ۽ انقلابي ادب جهڙا ڪردار ادا ڪرڻ ڪري پنهنجي وطن ۽ وطن کان ٻاهرشهرت ۽ عزت ماڻڻ جو خواب به نه ڏٺو هوندو.

سندس ان تاريخي ڪردار پويان سندن هڪڙي عظيم ڀا۽ رسول بخش پليجو جي سياسي،خانداني ۽ انقلابي ساٿ جي وڏي ۽ بنيادي اهميت رهي هئي، جنهن ڳوٺ ۽ گهر جي ڪن ڀاتين جي طرفان ڇوڪرين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي مخالفت باوجود پنهنجين ڀينرن جي تعليم، تربيت لاءِ اول ٺٽو شهر ۽ بعد ۾ حيدرآباد شهر وسايو. ان جي پارٽي ۽ شخصيت جي اولڙن جي روشنيءَ ۾ سنڌ ٻين عظيم انقلابي عورتن جي قافلي ۾ ادي حور النساءِ  انقلابي ڪردار ادا ڪيو. جنهن جي شروعات ون يونٽ تحريڪ ۾ ادي اختر بلوچ جي جرئت ۽ جيجي زرينه بلوچ جي موسيقي، راڳ ۽ انقلابي ڪمن کان شروع ٿيو، قيدياڻي جي ڊائري ۽ شهيد عوام فاضل راهو ۽ سندس وڏي ڌيءَ شهناز راهو ۽ بعد ۾ پارٽي ۽ پليجو صاحب جي هدايتن تحت سنڌ جي انقلابي تحريڪ جو جيڪو پيڙهه جو پٿر اختر بلوچ رکيو، ان سنڌياڻي تحريڪ جي اڏاوت ۾ ادي غلام فاطمه ۽ ادي حور النسا پليجو، ممتاز نظاماڻي ، زاهدا شيخ ، عمره سمون، صاحبزادي ڏاهري ، نور بانو ملاح، سنڌو ملاح سميت  پرهه سومرو، سنڌو حسن ٻپڻ، شمع ڀٽي ، ڪوثر ڦلپوٽو، رابعه ڦلپوٽوسميت سوين عورتن ۽ ڇوڪرين وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪن ٿيون. هلندڙ هن وقت جي گهڙيال جي ڪانٽن ۾ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ ۾ جنهن مسلسل عوامي جدوجهد جو بڻياد وڌو آهي ان جو سهرو به ادي حورالنساءِ پليجو جهڙين غير معمولي انقلابي تربيت آفته سنڌياڻين وڌو آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، شاعرن،ليکڪن، دانشورن ۽ صحافين کي شايد اها به خبر نه هوندي ته سنڌ جي مستقل مزاج جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڪهڙيون عورتن آهن؟ جن پنهنجن تازل ٻارن کي هنج ۾ کڻي مڇرن ۽ صحت دشمن پاڻي پيئڻ وارن ڳوٺن۾ وڃ انقلابي تنظيم سازي ڪئي، جن جي ڪردارن تي شاعري، افسانو يا ناول لکي سگهجي ٿو. ان ۾ هڪ وڏو ڪردار حور النسا پليجو جوبه آهي، جنهن ماضيءَ ۾ جيڪا انقلابي تنظيم سازي ۽ جدوجهد ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو، ان جون شاهد ان دور جون اخبارون ۽ رسالا ۽ زندهه يا فوت ٿيل پراڻا ساٿي ۽ اڻ لکيل پارٽي تاريخ  هونداي، پر هڪ صحافيءَ جي حيشيت ۾ مان ٻين سياسي جدوجهدن سان گڏ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحرڪ جي پاڻيءَ سميت سنڌ جي ٻين مسئلن خلاف جدوجهد جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين هزارين سنڌياڻين سنڌو سڪائڻ،سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف جيڪوتاريخي مارچ ڪري سموري سنڌ ۽ سياسي ڌرين کي جاڳائڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ بيدار ڪيو ، تنهن ڏينهن به ادي حورالنساءِ پليجو جي طبعيت ۾ بلڪل به مزو نه هو، کيس ساهه ۾ تڪليف ۽ ڪمزوري هئي، جنهن کي محسوس ڪندي مان کيس چيو هو ته اوهان هلي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ويهو،جيئن ئي مارچ ڪلب وٽ پهچي ته توهان هلي ان ۾ شرڪت ڪجو، پر اديءَ پنهنجي ڀاءُ ۽ پارٽي اڳواڻ جهڙي مزاج ۽ حوصلي سان انڪار ڪيو ۽ مارچ جي اڳواڻي ڪندي رهي،ائين کيس سخت گرمين ۽ سردين ۾ ٻين جدوجهدن ۾ اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪندي ڏٺو آهي.ان بعد ۽ اڳ به کيس سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به سندس سنڌ دوست جدوجهدن ۾ ادا ڪيل ڪردار ۽ حوصلي جي تعريف ٻڌندا رهيا آهيون.

جنهن ڪري کيس مان آرٽ ڪائونسل ڪراچي کان وٺي ڊي 10 تائين هميشه هڪ گذارش بار بار ڪندو رهيو آهيان ته اوهان پنهنجي انقلابي تاريخ جي ماضي ۽ حال بابت پنهنجو داستان لکندا رهو، جي لکي نه ٿا سگهون ته ٽيپ ڪري ڪنهن ساٿي يا گهر ڀاتيءَ کان لکرائيندا رهو، مان اها ڳالهه سندس ڌيءَ ڊاڪٽر شبانه ۽ پٽ ڊاڪٽر نعيم پليجو کي به چوندو رهيو آهيان، پر شايد انهن وٽ ان داستان لکڻ ۽ تاريخي ڪم بابت ان حد جو ادراڪ نه آهي، ورنه گذريل ٽن سالن کان منهنجو عرض هنن وٽ اگهجي سگهجي ها، پوءِ به ڪامريڊ حورالنسا پليجو ڪجهه ڳالهيون  لکيون آهن، پر انهن سان داستان مڪمل نه ٿو ٿئي، ڪاش ان قسم جو داستان غلام فاطمه پليجو، ممتاز نظاماڻِي، زاهد ا شيخ ۽ محترم رسول بخش پليجو صاحب به لکي وٺي ها ( جنهن کي به مان ادي حور جي روبرو زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ ڏوراپو ڏيندو اهو چيو هو ته اوهان پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ تي ڌيان نه ڏنو ) ته اهو سنڌي ادب جي وڏي ميراث هجي ها. اميد ته ادي حور النسا جي صحت جلد بهتر ٿيندي ۽ منهنجي گذارش آهي ته هوءَ خود پاڻ ۽ سندس اولاد يا پارٽي جا ڪجهه دوست اهڙو ناول واروداستان لکڻ تي  ڌيان ڏيندا.ڇو ته ڪنهن به ملڪ، قوم، سماج،سياسي تبديلين ۽ جدوجهدن ، معاشي صورتحال بابت ايندڙ مستقبل جا پڙهيل ماڻهو،دانشور، ۽ عوام اهڙن ماضيءَجي داستانن جي بنياد تي پنهنجي حال ۽ ايندڙ مستقبل جي جوڙجڪ ماضيءَ جي قربانين ڏيندڙ شخصيتن جي داستانن جي بنياد تي جوڙيندا، هي قافلو جيستائين پنهنجي وڏي منزل تي پهچي ان جا باقي رستا ڪامريڊ حور النساءَ پليجو جي قصن ۽ ڏسيل واٽن تحت ڳولهڻ ۾ آساني حاصل ڪندا. الله تعالي کيس جلد صحت ياب ڪندو ۽ هوپنهنجو داستان ورجائڻ ۽ لکڻ ۾ نئين سر اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.