هٿرادو ڏاهپ بابت بل گيٽس جي بيان جو تنقيدي جائزو

تحرير: آفتاب سرھيو

بل گيٽس جي هڪ تازي بيان موجب ھٿرادو ڏاھپ (AI) ايندڙ ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽرن، استادن ۽ ٻين ڪمن جي ماهرن جي جاءِ والاري سگهي ٿي. ھن جي بيان سان دنيا جي ھڪ اھڙي تصوير ذھن ۾ جُڙي ٿي جتي روايتي انساني صلاحيتن کي مشيني صورت ڏئي ڪم ورتو ويندو. هن جي چواڻي ته، "بھترين طبي مَشوَرا، اعليٰ ۽ معياري  تعليم  ۽ ٻيون تمام ذهني صلاحيتون وڏي پيماني تي عام ۽ مفت مهيا ڪيون وينديون.” پر اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي انقلاب انساني ترقيءَ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو يا اسان کي ھڪ بيروزگار مستقبل طرف وٺي ويندو.

ھٿرادو ڏاھپ يا اي.آءِ سرمائيدارن لاءِ ھڪ اھڙي ٻڌاري تلوار آهي. جنھن جي ھڪ پاسي جتي ھيءَ ٽيڪنولاجي ڪاروباري خرچن کي تمام گهڻو گھٽائيندي، ڪارڪردگي کي بھتر بڻائي ۽ ان ۾ اضافو آڻيندي،  ھن جي پنڊائتي (خودڪار) نظام وسيلي سرمائيدار اڻ ميو لاڀ ته حاصل ڪري سگهي ٿو  پر اُتي ٻئي طرف، ھن کي انساني پورھيي جي گهرج گهٽجڻ سبب معاشي ناھمواري کي منھن ڏيڻو به پئجي سگھي ٿو. جيڪڏهن AI ذريعي سڀني بنيادي نوڪرين کي پنڊائتو (خودڪار) ڪري ڇڏبو ته، لکين ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا، جيڪو پڻ گراھڪ/خريدار جي خريداري قوت کي گهٽائي ڇڏيندو.

جيڪڏهن AI واقعي ئي اڪثر ڪمن ڪارُون ۾ انسان جو بدل بڻجي وڃي ته پوء ھڪ نئین سماجي ۽ معاشي قالب جي جوڙجڪ اڻٽر ٿي پوندي. بل گيسٽ جو اھو قول ته "اسان کي شايد ھفتي ۾ ٻه يا ٽي ڏينھن ئي ڪم ڪرڻو پوندو” ھڪ نئين ڍنگ سان زندگي گذارڻ جي قاعدي جوڙڻ جو اطلاعُ ڏيندي نظر اچي ٿو. ان مان اھو به مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته روايتي نوڪرين جي بازار ٿڌي ٿي وڃي ۽ حڪومت کي   عالمي بنيادي آوَت/اُپت (Universal Basic Income )

مطلب ھڪ اھڙو معاشي تصور جنھن تحت حڪومت ھر شهري کي بغير ڪنھن شرط جي ڪجھ ناڻو ڏيندي آھي جيئن ان جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن جھڙن منصوبن تي غور ڪرڻو پئي.

بهرحال، AI جو هڪ روشن پاسو به آهي جيڪو صحت، تعليم ۽ موسمياتي تبديليءَ جي خلاف جنگ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. طبي شعبي ۾ AI جي ترقي صحت ۽ سار سنڀار جي خدمتن کي سستو ۽ معياري بڻائي سگھي ٿي. تعليم جي شعبي ۾، AI استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. پر ساڳئي وقت، اهو خطرو آهي ته انسان پنهنجون تخليقي صلاحتون ۽ فڪري آزادي کان محروم نه ٿي وڃي.

بل گيٽس پنھنجي انهيءَ بيان ۾ اھو تسليم ڪندي چوي ٿو ته ڪجهھ کاتا سدائين انسانن جي ھٿ وس هوندا، جهڙوڪ راندين تي ڌيان ڏيڻ ۽ فائن آرٽس جھڙا شعبه. پر اصل سوال اهو ٿو اڀري ته  سماجي ۽ معاشي توازن ڪيئن برقرار رکيو وڃي؟ سرمائيدارن کي به AI جي ترقي ۾ انساني ڀلائي جو خيال رکڻ گهرجي. حڪومتن ۽ ڪاروباري ادارن کي گڏجي اھڙا منصوبا جوڙڻ گهرجن جن سان ھر ماڻھو  کي AI مان لاڀُ حاصل ڪرڻ جون سھولتون مهيا ڪري سگهجن ، بجاءِ ان جي ته ڪجهه وڏين ڪارپوريشنن کي ان جو فائدو ملي.

جتي اي.آءِ جو مستقبل روشن ۽ شاندار نظر اچي ٿو اتي وڏن ڏاکڙن ۽ چئلينجز کي به محسوس ڪري سگهجي ٿو . جيڪڏهن سرمائيدار ۽ حڪومتون ان جي سماجي اثرن کي متوازن انداز سان منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته دنيا هڪ خوشحال دور ۾ داخل ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن AI کي فقط نفعي ڪمائڻ جي نقطه نظر سان تيار ڪيو ويو ته اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي وينداسين جتي فقط چند طاقتور ڪمپنيون سمورن وسيلن تي قابض ۽ عام ماڻهو بيروزگاري ۽ محرومين جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿو.

انهن سمورن ڳالھين کي سامھون رکندي AI جي انقلابي سفر ۾ اسان کي نه فقط ٽيڪنالوجي جي ترقي لاءِ پاڻ پتورڻو پوندو بلڪ انساني استقلال/ وقار ۽ برابريءَ کي به يقيني بناڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.