سنڌ جو هڪ ئي گڏيل نعرو: سنڌو مٿان وار نامنظور

تحرير: صدا حسين عباسي

وفاق سمجهي ٿو ته هي رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي، ابا اسان، سنڌي ماڻهو، چئون ٿا ته سنڌو ندي صرف پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، بلڪه هزارين سالن جي تهذيب جو تسلسل، اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جي زندگي آهي. سنڌ جي عوام پنهنجي شعوري موقف سان سنڌو تي ٺهندڙ ڪنهن به غيرمنصفاڻن ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ اڄُ هن نعري سان گونجي رهي آهي ، سنڌوءَ مٿان ٺهندڙ ڪئنال نامنظور!

سنڌو درياهه، جيڪو هن ڌرتيءَ جي نبض وانگر وهندو رهيو آهي، اڄ وري سازشن جي ور چڙهي ويو آهي. هي اهو درياهه آهي، جنهن جي وهڪرن سان موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جو جيئڻ ۽ مرڻ جُڙيل رهيو آهي. هي رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، هي سنڌ جي ساهه، سنڌ جي وجود، سنڌ جي تهذيب، ۽ سنڌ جي بقا جو سوال آهي. پر افسوس، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌوءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جون سازشون تيز ٿي ويون آهن، نوان ڪئنال، جيڪي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦري رهيا آهن، سنڌ جي زمينن کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ۽ سنڌ جي عوام جي جيئڻ جا دروازا بند ڪري رهيا آهن.

سنڌ جو شعور هاڻي جاڳي پيو آهي. هي شعور ڪو هڪ ڏينهن ۾ پيدا ٿيل ناهي، هي شعور ته اُن دور کان موجود آهي، جڏهن ڪالا باغ ڊيم جي آڙ ۾ سنڌ کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون، جڏهن نئين پاڻي ورڇ واري پاليسي تحت سنڌ جي درياهه کي سوڪهڙو بڻائڻ جون سازشون ٿيون. اڄ وري انهن سازشن جو نئون روپ ڪئنالن جي نالي سان آيو آهي، جيڪي سنڌ جي ماڻهن کان سندن جيئڻ جو حق کسڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي، سنڌ جي شعور ان جو ڀرپور جواب ڏنو.

ويجهڙ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ جي قربانين کي ياد ڪندي آواز بلند ڪيو ته "سنڌو تي ٿيندڙ زيادتيءَ کي رد ڪيون ٿا!” ته ان جو آواز رڳو يونيورسٽي جي احاطي تائين محدود نه رهيو، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ويو. سنڌ جا شاگرد، وڪيل، استاد، اديب، شاعر، سماجي اڳواڻ، مزدور، هاري، آبادگار، ۽ سياسي توڙي مذهبي اڳواڻ ان ناانصافيءَ خلاف ميدان ۾ اچي چڪا آهن. اڄ سنڌ جو آواز علمي ادارن کان وٺي عدالتن تائين گونجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هي رڳو احتجاج ناهي، هي سنڌ جي بقا جي جنگ آهي. جيڪو به سنڌ دوست، قوم پرست ڪئنالن خلاف آواز اٿاري ٿو يا جدوجهد ڪري ٿو ته حڪومت FIR ڪرائي چُپ ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿي.

ڪئنالن جي نالي ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦريو پيو وڃي، جيڪا قانوني، اخلاقي، ۽ انساني حقن جي صريح ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي زراعت، جيڪا اڳ ئي موسمي تبديلين سبب مشڪلاتن جو شڪار آهي، هاڻي مڪمل طور تي تباهيءَ جي ڪناري تي اچي بيٺي آهي. انهن ڪئنالن جي تعمير سان سنڌ جي زرخيز زمينن کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي اهڙي ورڇ جاري رهي ته سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جي هٿن مان زمين کسجي ويندي، سندن ٻنيون سڪندي وينديون، ۽ سنڌ جي معيشت تباهه ٿي ويندي. ڇا سنڌ کي پنهنجي ساهه واري درياهه تي حق ناهي؟ ڇا سنڌ جا ماڻهو پنهنجن وسيلن تان هٿ کڻي ڇڏين؟ ڇا سنڌ جي درياهه کي رڳو هڪ واهه بڻائي ڇڏجي؟

ھي سنڌو اھو ڪنڌار شينهن درياه آهي جنهن جي موجن جي گجگوڙ (آواز) سان سڪندر اعظم جو هانءُ ڏڪندو هو.! اڄُ هنن ظالمن جابرن جي جبر سبب سنڌوء درياهه مان رڳو واري پئي اڏامي.!

سنڌ جي شعور کي نظرانداز ڪرڻ هاڻي ممڪن ناهي. سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ تي حملو ٿيو، جڏهن به سنڌ جي وسيلن کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جي باشعور ماڻهن اُن جو مقابلو ڪيو. جڏهن ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو سامهون آيو، تڏهن سنڌ جا باشعور ماڻهو ميدان تي لٿا ۽ اُهو منصوبو اڄ تائين عملي شڪل نه وٺي سگهيو. اڄ به جيڪڏهن سنڌوءَ تي هٿ وڌا پيا وڃن، ته سنڌ خاموش نه ويهندي.

سنڌو درياهه صرف پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، هي سنڌ جي جياپي جو مرڪز آهي، هي سنڌ جي زراعت جو روح آهي، هي سنڌ جي تهذيب جو بنياد آهي. پر هاڻي هڪ منظم رٿابندي تحت سنڌي ماڻهن کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. پنجاب جي ويران پيل چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. هي صرف اقتصادي ناانصافي ناهي، هي سنڌ سان وجودي جنگ آهي، جيڪا سنڌ جي نسلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ وڙهي پئي وڃي.

سنڌ جي درياهه تي پهريون وار نه پيو ٿئي، هن کان اڳ به مختلف دورن ۾ سنڌوءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جون ڪوششون ٿيون آهن. رحيمداد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب "جنت السنڌ” ۾ لکي ٿو ته: "سنڌو ندي جنهن تي هن صوبي جي زندگيءَ جو مدار آهي، سا دنيا جي وڏين ندين مان هڪ آهي. مسلمانن جي روايتن توڙي هندن جي ڏندڪٿائن ۾ هن نديءَ جي تعريف ڪيل آهي.” مسلمان روايتن موجب، جنت مان نڪرندڙ نديون نيل، فرات، جيحون، ۽ سيحون آهن، جن مان سيحون اصل ۾ سنڌو ندي آهي.

سنڌو نديءَ سان ٿيندڙ ناانصافيون ڪا نئين ڳالهه نه آهن، بلڪه انهن جا بنياد پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي وجهي ڇڏيا ويا هئا. 1945ع جي معاهدي ۾ سنڌ جي پاڻيءَ تي ان جو جائز حق تسليم ڪيو ويو، پر افسوس جو ان تي ڪڏهن به مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو. 1960ع ۾ ٿيل انڊس واٽر ٽريٽي تحت سنڌو نديءَ جي قدرتي وهڪرن کي رخ بدلائي سنڌ کي وڌيڪ نقصان پهچايو ويو. ان کان پوءِ ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو سامهون آيو، جيڪو سنڌ جي زراعت جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ها، پر سنڌ جي باشعور عوام ان کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو.

اڄ به چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال، ۽ ٻين غير قانوني واهن ذريعي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌ جي زراعت، ماحوليات، ۽ معيشت سخت متاثر ٿي رهي آهي. ايلائيس البينيا پنهنجي ڪتاب "سنڌوءَ جون سلطنتون” ۾ لکي ٿو ته: "انڊيا جو نالو به انڊس تان ئي کنيل آهي. قديم سنسڪرت پنڊت ان کي ‘سنڌو’ سڏيندا هئا. فارسين ان کي ‘هندو’ بڻايو، يونانين ‘انڊو’ ڪيو، ۽ چينين ‘انڊس’، جنهن مان پوءِ ‘انڊيا’، ‘هندو’، ۽ ‘انڊيز’ جا نالا ٺهيا.” هي اهو درياهه آهي، جنهن تي سنڌي ماڻهن پنهنجو وجود، پنهنجي تهذيب، پنهنجي تاريخ، ۽ پنهنجي سڃاڻپ جو بنياد رکيو آهي. پر هاڻي ڪينالن جي نالي ۾ ان درياهه کي سُڪائي، ان جي وهڪرن کي روڪي، ان جي قدرتي وجود کي تباهه ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جا وڪيل، قلمڪار، ميڊيا، شاگرد، عورتون، هاري، ۽ آبادگار سڀ هم آواز آهن ته سنڌو درياهه تي ٿيندڙ هي ظلم بند ڪيو وڃي. سنڌو ندي سنڌ جي آهي، سنڌي ماڻهن جي آهي، ۽ ڪنهن کي به حق ناهي ته هو سنڌ جي حياتيءَ کي خطري ۾ وجهي. هي رڳو پاڻيءَ جو مسئلو ناهي، هي سنڌ جي جيئڻ مرڻ جو سوال آهي، ۽ سنڌ جا باشعور ماڻهو پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندا! جيڪي سنڌ جي شعور کي گهٽ سمجهن ٿا، انهن کي وساري ڇڏڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو اڄ به زنده آهن، جاڳيل آهن، ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار آهن! سنڌ جي زرخيز زمينن کي سُڪائي پنجاب جي ويران ٿيل چولستان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇا هيءُ به "دو قومي نظريو” آهي؟

سنڌي قوم سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ مسلسل عملي جدوجهد ڪندي آئي آهي. هيءَ سنڌ تي پهرين ڪاهه ناهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌي ماڻهن ان جي خلاف آواز اٿاريو. اسانجي ملڪ، پاڪستان، ۾ سنڌ کي سندس حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

دوستو، اچو ته هن عظيم تاريخي حيثيت رکندڙ سنڌو درياهه، جيڪو اسانجي معاشي ترقي، زراعت، ۽ روزگار جو بنياد آهي، ان جي بقاءَ لاءِ وڙهون! سنڌي قوم کي رڳو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب (Indus Valley Civilization) سبب عزت نه ملي ٿي، پر تاريخي حيثيت ۽ مرتبو پڻ حاصل آهي. سنڌو ندي دنيا جي وڏين ندين مان هڪ آهي، ۽ سنڌ جي باشعور عوام کي ڪنهن به صورت ۾ ان تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو.

هي رڳو سنڌي ماڻهن جو مسئلو ناهي، بلڪه سنڌ ۾ رهندڙ سمورن قومن—پنجابي، بلوچ، پٺاڻ، ۽ ٻين لاءِ به برابر اهم آهي. سنڌو درياهه جي تباهيءَ سان صرف سنڌ نه، پر سمورو پاڪستان متاثر ٿيندو. جيڪڏهن ڪينال ٺهيا ته نه رڳو اسانجي زراعت ۽ معيشت تباھ ٿي ويندي، پر اسانجي ترقيءَ جا سمورا در بند ٿي ويندا. پوءِ نه ڊاڪٽر، نه انجنيئر، نه وڪيل، نه CSS آفيسر، ۽ نه ئي ڪو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو. انهيءَ ڪري، اچو ته گڏجي جدوجهد ڪريون، ڇو ته سنڌو درياهه جي بقا صرف سنڌ لاءِ نه، پر ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ به ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.