رپورٽون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف نون ڪئنالن بابت سندس حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت پ پ جا اعتراض ٻڌڻ ۽ ان روشني ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فورم هونئن ئي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٿيندڙ تڪراري معاملن تي ويچارڻ جو هڪ پليٽ فارم آهي. جڏهن کان پنجاب حڪومت سنڌو درياهه مان چولستان سميت ڇهن نون ڪئنالن ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي تڏهن کان پ پ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي ته جيئن اها ان اجلاس ۾ انهن منصوبن تي سنڌ حڪومت جا اعتراض ۽ خدشا ٻڌائي سگهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ انهن نون ڪئنالن بابت شديد اعتراض آهن ۽ سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جون سڀ سياسي جماعتون سراپا احتجاج آهن.
پ پ ۽ سنڌ حڪومت تي اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته پ پ جي سربراهه ۽ موجوده صدر آصف زرداريءَ انهن ڪئنالن جي بحيثيت صدر تحريري اجازت ڏني آهي جڏهن ته پ پ جا اڳواڻ اهو چوندا رهيا آهن ته صدر زرداريءَ اهو چيو هو ته جيڪڏهن صوبن کي اعتراض نه هجي ته ڀلي غير آباد زمينون آباد ڪيون وڃن. اڳتي هلي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر زرداريءَ جي خطاب آخر ۾ پاڻ اهو موقف اختيار ڪيو ته نون ڪئنالن بابت سنڌ صوبي کي اعتراض ۽ خدشا آهن سو مان بحيثيت صدر انهن منصوبن کي رد ڪريان ٿو ۽ انهن منصوبن بابت وفاق ۽ صوبن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. صدر زرداري جي ان خطاب کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به وفاقي وزير احسن اقبال جي سامهون ۽ ٻين موقعن تي اهو چوندو رهيو آهي ته اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آئيني ۽ قانوني طور تي سنڌ حڪومت جو موقف پيش ڪنداسين.
اسان جو اهو به موقف آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ئي پنجاب حڪومت کي اهو ڪئنالن وارو منصوبو رکي ٻين صوبن کان اجازت وٺڻ گهرجي ها انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا پنجاب يا وفاقي حڪومت کي انهن ڪئنالن جو اعلان نه ڪرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته پنجاب جي انهن ڪئنالن لاءِ سنڌو درياهه مان ئي پاڻي کنيو ويندو جڏهن ته ارسا به چوندي رهي آهي ته سنڌو درياهه جي سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي جو ڇهن ڪئنالن کي ڏئي سگهجي. ٻيو ته درياهه جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو به ڪو موئثر ۽ سائنسي انتظام ناهي. جو خبر پوي ته صوبن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي به ٿو يا نه سو جيستائين پاڻي جو مانيٽرنگ سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين پاڻي جو وڌيڪ نون ڪئنالن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي. جڏهن ته احسن اقبال جو چوڻ هو ته انهن ڪئنالن لاءِ پنجاب ڪنهن ٻئي صوبي جو نه پر پنهنجو پاڻي کڻندو ۽ پنهنجي پاڻي تي اهو ڪئنال اڏي سگهي ٿو جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير کيس جواب ڏنو ته پاڻي جي ورڇ جو ڪو موئثر ۽ سائنسي انتظام ٺاهڻو پوندو ته جيئن ڪنهن کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي ڪو شڪ شعبو نه هجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه اهو به چيو هو ته اسان جو پليٽ فارم احتجاجن ۽ مظاهرن وارو ناهي پر اسان گڏيل مفادن واري ڪائنسل ۾ پنهنجو موقف ۽ اعتراض رکنداسين پر دلچسپ ڳالهه وري اها ٿي ته جيئن ئي صدر زرداريءَ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ نون ڪئنالن کي رد ڪيو ته اها ساڳي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پهريون سنڌ حڪومت اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ته ڪو ڪئنالن تي ڪم شروع ٿيو آهي پر پوءِ جڏهن قوم پرست اڳواڻ ذين شاهه ۽ ميڊيا جون ڪجهه ٽيمون جاءِ واردات تي پهتيون ۽ ويڊيو ذريعي ڏيکاريو ته چولستان ڪئنال تي ڪم شروع عي چڪو آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت چوڻ لڳي ته ممڪن آهي ته انهن ڪم شروع ڪري ڇڏيو هجي پر اڃان ابتدا آهي سو دلجاءِ ڪريو پ پ ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندي.
سو سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ نون ڇهن ڪئنالن بابت پ پ ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار به شڪ مشڪوڪ رهيو. اها به عوام جي آڏو ڪليئر ناهي پر هاڻ جڏهن وفاقي نوعيت جون جماعتون به ڪئنالن جي خلاف آهن ۽ پ پ توڙي سنڌ حڪومت جو سر وڃي رهيو آهي ته پوءِ اها به احتجاجن تي لهي آئي آهي. پر پ پ سنڌ حڪومت يا صدر زرداري جو دٻاءُ وفاقي حڪومت تي ڪيترو پئي ٿو اهو تڏهن نظر ايندو جڏهن وفاقي حڪومت سندن احتجاج کي ڏسندي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي. هاڻي وفاقي وزيرن اهڙا بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته پ پ ۽ سنڌ حڪومت جي اعتراضن جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به پراجيڪٽ کان وڌيڪ پهريون وفاق کي اوليت ڏني ويندي. هاڻي چيو وڃي ٿو ته عيد کان پوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ چئي سگهبو ته واقعي به وفاقي حڪومت صدر زرداري، سنڌ حڪومت ۽ پ پ جي اعتراضن جو نوٽيس ورتو آهي.
سو اميد ڪجي ٿي ته وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي گڏيل مفادن وار ي ڪائونسل جو اجلاس گهرائي سنڌ جي عوام جي احتجاج کي مان ڏيندي ۽ تڪراري ڪئنالن جي منصوبي تا هٿ کڻي نه رڳو پنهنجي وفاقي حڪومت بچائيندي پر وفاق جي سلامتي جو تحفظ به ڪندي ٻي صورت ۾ پ پ ۽ سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌي ويندو ته اهي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي حمايت واپس وٺن ۽ وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪن.