بلاول ڀٽو جون نئين ديري ۾ اڳواڻن سان گڏجاڻيون

نئون ديرو(ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ ٻين سان گڏجي عيد نماز ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ادا ڪئي.بعد ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکي جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڏيندي ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ دعا گهري جنهن بعد عيد جا ٽئي ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ساڻس عيد ملڻ لاءِ پهتل عهديدارن، چونڊيل نمائندن، پارٽي جي جيالن ورڪرن، صحافين سميت مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻهن سان عيد ملي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جڏهن ته عيد ملڻ لاءِ پهتل ڪجهه ماڻهن پاران ڪيل شڪايتن تي لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائي انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون. جڏهن ته  آصفه ڀٽو زرداري صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي طبيعت خراب هجڻ جو ٻڌي واپس ڪراچي رواني ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.