لاهور(امدادسومرو) سکر بيراج تي 73 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 68 سيڪڙو پاڻي کوٽ ٿي وئي آهي.تربيلا ۽ ڪابل ۾ 17 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهڪرو آهي.اها سموري صورتحال ڪينال مخالف تحريڪ جي حق ۾ آهي ان دوران صدر جي بيماري جي خبر تي اهو ردعمل آيو ته صدر ملڪ مان فرار ٿي ويوآهي.پر شرجيل ميمڻ مطابق صدر ڪراچي جي اسپتال ۾ انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ آهي کيس ڇاتي جو انفڪيشن آهي.آصفه ڀٽو لاڙڪاڻي مان ڪراچي پهتي آهي بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ويهي 4 اپريل جلسي جي تقرير تي ڪم ڪري رهيوآهي جنهن ۾ ڪينالن جي حوالي سان وفاقي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيندو.ٻئي پاسي ڪينال مخالف تحريڪ جاري آهي ۽ جسم جي رياض چانديو پاران 4 اپريل تي مورو، ڄامشورو ۽ نصيرآباد ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويوآهي.اهڙي صورت ۾ جڏهن پ پ جا قافلا به رستن تي هوندا ۽ اتي جسم جو ڌرڻو هوندو ته پوءِ جهيڙو اڻٽر آهي.ڪجهه قومپرست ڌرين پاران پنهنجي ڪارڪنن کي انهن ڌرڻن ۾ شرڪت کان روڪيو ويوآهي. زين شاه جي پارٽي به ان ۾ شامل نه ٿيندي سندن مطابق ان سان ڪينال معاملي تان ڌيان هٽي ويندو.ٻئي پاسي جونيئر ذوالفقار پاران جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ هندو برادري سان گڏ ورسي جو جلسو ڪرڻ جواعلان ڪيو ويوآهي.