جونيئر ذوالفقار ڀٽو هارين، مزدورن سان عيد مليو

نئون ديرو(ن ع آ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، نئون ديرو جي ويجهو ڀٽو اسٽيٽ جي ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ اسٽيٽ جي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي. عيد نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن سان ڀاڪر پائي عيد مليو جنهن تي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري دعائون ڏنيون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جڏهن ته نئون ديرو جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ به عيد نماز جو وڏو ساليانو اجتماع ٿيو جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ تڪراري ڪئنالن خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عيد نماز ادا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.