پاڻي کوٽ سبب ريڻي ڪينال، بيگاري سنڌ فيڊر، گھوٽڪي فيڊر، کير ٿر ڪينال، رائس ڪينال ۽ دادو ڪينال بند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جي ڪري سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ ۾ هر ايندڙ ڏينهن سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڪالهه تائين سنڌ کي موجوده پاڻي جي حصي 40 هزار ڪيوسڪ مان 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ مليو. جاري ٿيل پاڻيءَ جي انگن اکرن موجب سنڌ جي پاڻي انڊينٽ 40 هزار ڪيوسڪ مان گڊو بئراج تائين رڳو 15 هزار ڪيوسڪ تائين مس پاڻي پهتو، جنهن ڪري پاڻيءَ جي کوٽ 25 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي وئي آهي. گڊو بئراج مٿاهون وهڪرو 15 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون 14 هزار ڪيوسڪ, سکر بئراج تي مٿاهون وهڪرو 14 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 5 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي مٿاهون وهڪرو وڃي 4 هزار ڪيوسڪ بچيو آهي ۽ هيٺاهون وهڪرو مسلسل بند آهي. جڏهن ته ريڻي ڪينال، بيگاري سنڌ فيڊر، گھوٽڪي فيڊر، ڊزرٽ پٽ فيڊر، کير ٿر ڪينال، رائس ڪينال ۽ دادو ڪينال پاڻيءَ جي کوٽ سبب مڪمل طور تي بند پيل آهي. اهڙي طرح گڊو مان بلوچستان کڻت ۽ سکر مان گڙنگ بلوچستان کڻت به هاڻ بند ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.