دڙي ۾ ڪراچي مان مائٽن وٽ عيد تي آيل نوجوان قتل

دڙو (منٺار ٺاراڻي) دڙي ۾ عيد جي ڏينهن افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي شيدي پاڙي ۾ ڪراچي مان مائٽن وٽ عيد تي آيل نوجوان اظهر علي شيدي کي بٺورو واسي جوابدار عمران شيدي گهر ۾ داخل ٿي پسٽل جا سڌا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جوابدار نوجوان اظهر علي شيدي تي فائر ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ دير تائين گهر ۾ موجود رهيو ۽ نوجوان زخمي حالت ۾ پٽ تي تڙپندو رهيو جڏهن ته جنوني جوابدار گهر ۾ موجود عورتن ۽ فائر جي آواز تي گھر ۾ ايندڙ مردن تي به هٿيار تاڻي کين ويجهو اچڻ کان روڪيندو رهيو جوابدار نوجوان اظهر علي شيدي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو جنهن کي فرار ٿيڻ دوران شير واھ وٽ ڳوٺاڻن پسٽل سميت سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هوڏانهن مقتول نوجوان اظهر علي شيدي جو لاش وارث رورل هيلٿ سينٽر دڙو کڻي آيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهيهوڏانهن دڙي ٿاڻي تي مقتول نوجوان اظهر علي شيدي جو قتل ڪيس جوابدار عمران شيدي خلاف داخل ڪيو ويو آهي ٻي پاسي مقتول نوجوان اظهر علي شيدي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي جوابدار سان ڪا به دشمني نه هئي. هوڏانهن پوليس موجب جوابدار عمران شيدي جو چوڻ آهي ته هن نوجوان اظهر علي کي غيرت ۾ قتل ڪيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.