بڊاڻي ۾ ٻئي ڏينهن به قتل عام، سرعام فائرنگ ۾ 2 ڄڻا گولين جو کاڄ

ڪنڌڪوٽ/بڊاڻي (رپورٽ: ممتاز سنڌي+مقبول مڙل) بڊاڻي ۾ هٿياربندن جي وحشياڻي فائرنگ ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس تماشو ڏسندي رهي. ٻن ڏينهن دوران علائقي ۾ ست ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جنهن سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اڻڄاتل هٿياربندن ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنگر جي نجي اسپتال تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ منير احمد ڏنگر ۽ عبدالرحمان ڏنگر مارجي ويا. فائرنگ سبب شهري گهرن مان هٿيار کڻي ٻاهر نڪري آيا، جنهن سان هر طرف افراتفري پکڙجي وئي. مقتولن جا وارث لاش کڻي اسپتال پهتا، جتي روڄ راڙو مچي ويو. ٻن ڏينهن دوران مسلسل قتل عام سبب عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته زخمين مان ڪجهه زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.