ماه رنگ جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد(منصورعلي خان) ماه رنگ بلوچ کان پوءِ سندس پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويوآهي،گرفتار ٿيلن ۾ شاه جي، ڊاڪٽر ثنا، شمس ۽ ٻيا شامل آهن.ٻئي پاسي ماهرنگ بلوچ جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي جي 100 کان وڌيڪ شخصيتن پاران وزيراعظم کي خط لکيو ويوآهي. انهن ۾ حامد مير، افراسياب خٽڪ،فرحتالله بابر، منيزي جهانگير ۽ ٻيا شامل آهن هنن وزيراعظم کان مطالبو ڪيوآهي ته اهو معاملي ۾ مداخلت ڪندي  ماه رنگ ۽ سمي دين بلوچ کي آزاد ڪرائي. اختر مينگل پاران به  بي وائي سي جي اڳواڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويوآهي.ٻئي پاسي بلوچستان اندر قومي شاهراهن تي رات جي وقت سفر تي پابندي به لڳائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.