ڪئنالن خلاف آمريڪا ۾ سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج

ورجينيا (م ڊ) آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي عيد جي ڏهاڙي به سنڌو درياهه مان نڪرندڙ تڪراري ڪينالن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا. جسقم آمريڪا جي آرگنائيزر حبيب ڀٽو ۽ سنڌو نواز گهانگھرو جي اڳواڻي ۾ سنڌ واسين واعدو ڪيو ته ڪينال منصوبو رد ڪرائڻ تائين خاموش نه ويهندا. عيد نماز کان پوءِ جسقم آمريڪا جي سڏ تي ورجينيا جي پيٽرس برگ ۾ وڏي انگ ۾ سنڌي گڏ ٿيا ۽ سنڌو درياهه کي سڪائڻ خلاف احتجاجي واڪ ڪيو. احتجاج ۾ شعيب ڀٽو ايڊووڪيٽ، رمضان بليدي، عبدالجبار مري، فاروق سومرو، گوهر گهانگھرو، آفتاب ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حبيب ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي وارن ۾ همت آهي ته ڪينالن خلاف استعيفائون ڏئي حڪومت ڇڏي ڏين. سنڌو نواز گهانگھرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمني سبب عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ نٿو ڏئي، پر اصل ۾ کين جن قوتن کٽرايو آهي، هي ڪئنالن جي اجازت ڏئي انهن کي خوش پيا ڪن. هن واضح ڪيو ته هي تحريڪ ڪنهن به پير، مير يا وڏيري جي نه، پر غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتا آهن. پيپلزپارٽي آمريڪا جي وائيس چيئرمين آفتاب ميمڻ ۽ نعيم رحمان ميمڻ پڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو سنڌ جي عوام سان گڏ آهن ۽ ڪينالن خلاف جدوجهد جاري رکندا، ڇو ته سنڌ دشمن منصوبن تي خاموش رهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.