ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ انڊس اسپتال جي ڀائيواري سان ڪورنگي ڪراسنگ تي هڪ نئين انڊس اسپتال قائم ڪئي وئي. پهرين مرحلي ۾ 90 بسترن وارو ايمرجنسي يونٽ شروع ڪيو ويو، جڏهن ته 1,300 بسترن واري انڊس اسپتال جو جلد افتتاح ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي انڊس اسپتال جو دورو ڪيو. انڊس اسپتال جي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالباري سنڌ جي وڏي وزير کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورنگي انڊس اسپتال جناح اسپتال ۽ سول اسپتال کان پوءِ شهر جي ٽئين وڏي اسپتال هوندي. هن چيو ته ڪورنگي انڊس اسپتال ۾ مفت علاج فراهم ڪيو ويندو. بدين اسپتال پڻ انڊس نيٽ ورڪ پاران هلائي پئي وڃي، جيڪا بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نرسنگ کي هڪ اهم پيشو بڻائڻ چاهين ٿا، ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ ٻار ان ڏانهن رخ ڪن. ٻاهرين ملڪن ۾ نرسنگ پروفيشنلز جي وڏي گهرج آهي، ۽ ساڳئي وقت، ملڪ اندر پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي.