حڪومت خلاف تحريڪ جي تياري، احتجاج ڊي چوڪ تي ٿيندو يا ڪنهن ٻي هنڌ؟ مشاورت

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علما اسلام (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته عيد الفطر کانپوءِ حڪومت مخالف گڏيل احتجاج بابت خدشا ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کان لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي ضرورت آهي، اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي رعايت نه ملڻ تي تحريڪ انصاف اعلان ڪيو هو ته هو عيد الفطر جي ٽنهي ڏينهن دوران اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج ڪندي، ٻي پاسي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ عيد الفطر کانپوءِ حڪومت خلاف پي ٽي آءِ سان گڏجي ملڪ گير احتجاجي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، مولانا فضل الرحمٰن ملڪ ۾ خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن و امان جي خراب صورتحال ۽ بدعنواني جو حوالو ڏيندي تحريڪ جو اعلان ڪيو هو، ان حوالي سان سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته، احتجاج جو هنڌ ڊي چوڪ يا ڪا ٻي جگهه ٿي سگھي ٿي، جنهن جو فيصلو اتفاق راءِ سان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته احتجاج جو فيصلو ٿي چڪو آهي، پر اڃا اهو فيصلو ڪرڻ باقي آهي ته اسان پي ٽي آءِ سان گڏجي احتجاج ڪنداسين يا ڌار، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ (ف) جي وچ ۾ ٿيل معاهدن کي تحريري طور تي دستاويزي شڪل ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به غلط فهمي کان بچي سگهجي ۽ هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جي امڪانن کي  ختم ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.