وزيراعظم جو نار ملڪن جي اڳواڻن سان رابطو، عيد مبارڪون

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ عمان جي سلطان هيثم بن طارق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد الفطر جي خوشي جي موقعي تي انهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي سميت سڀني شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمان جي سلطان هيثم بن طارق سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ عيد الفطر جي موقعي تي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران، وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائي تي ٻڌل تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم عيدالفطر جي موقعي تي صدر امام علي رحمان کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ تاجڪ عوام جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مصري صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم مصري صدر کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي هاشمي بادشاهت جي حڪمران، شاهه عبدالله (ٻيون) ابن الحسين سان ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ عيد الفطر جي خوشگوار موقعي تي دلي مبارڪباد ڏني.  وزيراعظم شاهه عبدالله ۽ اردن جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد الفطر جي مبارڪ موقعي تي کيس ۽ ترڪي جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.