عارف علوي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سمري موٽائي پر صدر زرداري آرڊيننس واپس نه ورتو

اسلام آباد (قربان بلوچ) وڏي وزير ٽن ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو اعتراف ڪيو ته اسان جي عوام ۽ صحافين کي مطمئن نه ڪري سگهياسين، حقيقت اها آهي ته وڏو وزير، سنڌ سرڪار ۽ ڪابينا عوامي اعتماد جوڳي ناهي جڏهن ته اتحادي وزيراعظم شهباز شريف لاءِ به اعتماد جوڳي ناهي. وڏي وزير چيو ته صدر سان ميٽنگ جا منٽس غلط هئا، اهي منٽس وڏي وزير وٽ به آيا هئا ته هنن اها جرئت ڇو نه ڪئي ته هو ايوان صدر لکن ته منٽس غلط آهن، تبديل ڪيا ويا آهن جن کي درست ڪيو وڃي. ان ئي ميٽنگ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي ڳالهه ٿي جنهن کي صدر همٿائي ٿو ۽ اهي منٽس جاري ٿين ٿا ۽ اوهان اها ڳالهه به لڪائي رکي.  هاڻي اوهان جي ڳچي ۾ ڳالهه پئي آهي ته اڌ سچ ۽ اڌ گول مول ڳالهيون ڪريو ٿا، اوهان کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پي ٽي آءِ جي صدر عارف علوي اها سمري موٽائي ڇڏي هئي، چيو هو ته ان جو فيصلو سي سي آءِ ۾ ڪري سگهجي ٿو. ان ئي سمري ۽ آرڊيننس کي 8 فيبروري تي عام چونڊن کانپوءِ 16 فيبروري تي قانون ۽ انصاف واري وزارت آئين جي آرٽيڪل 89 تحت گزيٽ جاري ڪيو ته صدر آرڊيننس واپس ڪيو، ڄاڻايل آرٽيڪل تحت اهو آرڊيننس لاڳو ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ 10 مارچ 2024 تي صدر آصف علي زرداري عهدو سنڀالي ٿو ۽ 16 مارچ تي وزيراعظم جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ٿئي ٿو جنهن ۾ ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ٿو. سنڌ مان، ٻين صوبن مان ۽ ارسا مان ان تي رد عمل آيو، احتجاج ٿيو، پيپلزپارٽي به ميدان ۾ اچي ٿي ته ان کي واپس ورتو وڃي. جڏهن ته صدر عهدي تي هجڻ باوجود آرڊيننس واپس نه ورتو هو جيڪو نگران حڪومت ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. پوءِ پيپلزپارٽي واويلا ڪئي ته وزيراعظم اعتماد ۾ نٿو وٺي، هڪ طرفا فيصلا ڪري ٿو، فيصلا واپس ورتا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف بعد ۾ ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو. نواز شريف سمجهي ٿو ته اها شهباز شريف جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش هئي ۽ نواز شريف پ پ تي اعتماد نٿو ڪري ۽ شهباز شريف کي چوي ٿو ته حدن ۾ رهندي ڪم ڪري. 8 جولاءِ تي ايوان صدر ۾ جيڪا گڏجاڻي ٿي، ان ۾ وري ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ صدر کي اعتماد ۾ ورتو ويو. پ پ  اڳواڻ چون ٿا ته اسان سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪري رهيا آهيون، اسان خلاف سازش ٿي رهي آهي. نگران حڪومت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي حوالي سان جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان ۾ اسان جا 2 سنڌي وزير به شامل هئا جن ۾ مدد علي سنڌي ۽ مرتضيٰ سولنگي به آهن. پيپلزپارٽي چوي ٿي ته ڪئنالن جي مسئلي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين مان لڳي ٿو ته هو ڪٿي ڪٿي راند کيڏي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.