پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سميت اهم شخصيتن کي گهر ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ عيد الفطر جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن جي ڪري سياسي شخصيتن جي روايتي عيد جون تقريبون سخت متاثر ٿيون آهن. دهشتگردي جي خطري صوبي ۾ عيد جي خوشي کي گهٽائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾، وفاقي حڪومت سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اهم اڳواڻن سان گڏوگڏ مذهبي اڳواڻن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. انهن مان گھڻن اڳواڻن، جن ۾ مولانا فضل الرحمان به شامل آهن، تن کي به درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي گهرن تي عيد جي نماز ادا ڪن. ان کان سواءِ، ٻين سياسي شخصيتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي عوامي عيد جي ميڙاڪن کي محدود ڪن ۽ پنهنجي رهائشگاهن تي سيڪيورٽي جا انتظام ڪن.