عيد تي ڪڪڙ جو گوشت 1200 رپيا ٿي ويو، کنڊ 180 رپيا في ڪلو

اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) عيد الفطر کان هڪ ڏينهن اڳ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا. ڪراچي ۽ لاهور جي مارڪيٽن ۾ هڏين کان سواءِ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 1200 رپين تائين پهچي وئي.  عيد کان هڪ ڏينهن اڳ، ٽماٽن جي اگهن ۾ به واڌ ٿي، ٽماٽا 60 رپين کان وڌي 180 رپيا في ڪلوگرام ٿي ويا، ڪراچي ۾ ٽماٽا 10 کان 20 رپيا ڪلو به وڪامجي رهيا هئا، جڏهن ته بصر 40 رپين کان وڌي 60 رپيا ٿي ويا. لاهور ۾ ليمون 250 رپيا في ڪلو، ساوا مرچ 110 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن جڏهن ته ميوا به وڌيڪ مهانگا ڪيا ويا آهن. کنڊ اڃا تائين سرڪاري اگهه 164 رپين جي بدران 170 کان 180 رپيا في ڪلوگرام تي وڪرو ٿي رهي آهي.  راولپنڊي ۾ به ٻڪري ۽ گوشت جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ تي ضلعي انتظاميا دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا. ڪوئيٽا ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي في ڪلوگرام قيمت 750 کان وڌي 840 رپيا ٿي وئي آهي، ٻڪري جي گوشت جي في ڪلوگرام قيمت ۾ 100 رپيا ۽ ڳئون جي گوشت ۾ 50 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.