عيد اتحاد جو درس، نفرت ۽ فرقيواريت کان بچڻ گهرجي\صدر وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته عيد جو ڏينهن اسان کي اتحاد ۽ يڪجهتي جو درس ڏئي ٿو، اسان کي هر قسم جي انتهاپسندي، نفرت ۽ فرقيواريت کان بچڻ گهرجي، صدر چيو آهي ته ضرورت مندن جي مدد لاءِ زڪوات، صدقو ۽ فطرو دل کولي ڏيو، هن چيو ته رمضان المبارڪ اسان کي صبر، عبادت ۽ غريبن جي مدد جو درس ڏئي ٿو، عيدالفطر الله تعاليٰ جو انعام آهي جيڪو روزن جي مشقت تي عطا ڪيو ويو،  ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عيد الفطر جو ڏينهن اسان کي خوشي، شڪرگزاري، اخوت ۽ همدردي جو درس ڏئي ٿو، هن چيو ته اڄ پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين دشمنن کان خطرا لاحق آهن، اسان کي هر قسم جي انتهاپسندي، نفرت ۽ فرقي واريت کان بچڻ گهرجي ۽ ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت ملڪ جي معيشيت جي استحڪام لاءِ مڪمل ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان کي متحد ٿي ڪري پنهنجي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي ۽ متحد ٿي ڪري وطن عزيز خلاف سازشون ناڪام بڻائڻيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.