شوال جو چنڊ نظر اچي ويو،اڄ سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر ملهائي ويندي دعائون

ڪراچي / اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ عيدالفطر اڄ ملهائي پئي وڃي، ڪالهه اسلام آباد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ موسميات جي وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا، جنهن ۾ شوال المڪرم 1446 هجري جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ ملڪ جي گهڻن هنڌن تي آسمان صاف رهيو، ڪيترين هنڌن کان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون، تنهنڪري سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر اڄ سومر 31 مارچ تي ملهائي ويندي، اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام سميت ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ به دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.