نوابشاهه (رپورٽ: ايم بي چانڊيو) صدر آصف علي زرداري بلاول هائوس نوابشاهه ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن سانملاقاتون ڪيون جن ۾ سنڌ ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقاتن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب، ملاقات ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به موجود هئي. صدر حڪومت کي عوام جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري خاص جهاز ذريعي نوابشاهه ايئرپورٽ پهتو جتي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، پ پ ضلعي صدر محمد سالم زرداري ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. سيڪيورٽي سخت انتظامن هيٺ، هو زرداري هائوس پهتو، جتي پنهنجي ڀيڻ فريال ٽالپر سان گڏ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، هو عيدالفطر نوابشاهه ۾ ملهائيندو ۽ ٽن ڏينهن تائين رهائش اختيار ڪندي ملاقاتون ڪندو، گڏوگڏ پنهنجي والدين جي قبرن تي حاضري به ڀريندو.