سڄي رمضان ۾ ڪراچي جا روڊ عوام جي رت سان ڀريل نظر آيا:خالد مقبول

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي عيد کان اڳ ئي سوڳ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، سڄي رمضان ۾ ڪراچي جي عوام جو رت سان ڀريل نظر آيا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي ڪيترن ئي نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو، بشرا زيدي جي واقعي ڪراچي کي تبديل ڪري ڇڏيو هو، خالد مقبول صديقي چيو ته ڊمپرن سبب روزانو فوتگيون ٿي رهيون آهن، ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، ڊمپر نان ڪسٽم پيڊ ۽ اسمگل ٿيل آهن، اهي مافيا انداز ۾ هلايا وڃن ٿا، هن چيو ته هڪ نظام ڊمپر مافيا جي حمايت ڪري ٿو، هن چيف جسٽس کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، عدالتون ٻڌائي ته اسان کي انصاف ڪٿان ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.