ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابدي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هٿيارن جو ڪلچر آڻيندڙ اڄ پاڻ کي امن جا رکولا ظاهر ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي، هن سوال اٿاريو ته مافيا جي سرپرستي ڪندڙ اڄ ان خلاف ڪهڙي منهن سان پيا ڳالهائين؟ هن وڌيڪ چيو ته ڊوميسائل تي الزام هڻندڙ ٻڌائين ته نوڪريون وڪڻڻ وارو رواج ڪنهن وڌو؟ هٿياربند گروهن ۾ نوجوانن کي ڌڪيندڙ اڄ نوجوانن جا خيرخواهه بڻجي رهيا آهن، تحسين عابدي جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ڪراچي جي هر گهٽي ۽ آفيس ۾ خوف هو، لياري گينگ وار تي ڳالهائيندڙ پهرين پنهنجن دهشت گردن جي تاريخ ڏسن، ڪراچي جا ماڻهو حقيقت ڄاڻي چڪا آهن ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ترقياتي ڪم نظر اچي رهيا آهن.