پي ٽي آءِ جي 4 اهم پرڏيهي اڳواڻن جي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات جو انڪشاف

لاهور  (معظم فخر) پي ٽي آءِ جي پرڏيهه ۾ سوشل ميڊيا ٽيم جن جي پيسن تي هلي رهي آهي، انهن سرگرم 4 اڳواڻن جي اسلام آباد ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ۽ آءِ ايس آءِ جي ٻئي اهم ميجر جنرل سان ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي. ملاقات 15 ۽ 16 مارچجي وچولي رات ٿي. فوج جي اهم اڳواڻن پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته جهڙي ريت سوشل ميڊيا کي هلايو پيو وڃي اهو ملڪي مفاد ۾ ناهي، ان جي ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ رياست تي حملي آور ماڻهن جي رنڊ روڪ ڪن. ملاقات ۾ ڊاڪٽر ملڪ عثمان، سائرا بلال، محمد منير ۽ تنوير احمد شامل هئا. انهن چئني جا رابطا آمريڪا ۾ ڊاڪٽر معيد پيرزادا سان رابطا آهن، معيد پيرزادي ڪجهه وقت اڳ ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪيو هو ۽ پوءِ هي ماڻهو ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان مليا. هنن ڊي جي آءِ ايس آءِ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ڳالهين ۾ ڪجهه ڏيڻو ۽ وٺڻو پوندو آهي، پي ٽي آءِ کي سوشل ميڊيا ٽيم تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ ان جو به اهو شرط هوندو ته عمران خان پاڻ اعتراف ڪري ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو غلط ٿيو ۽ مان ذميواري کڻان ٿو ۽ افسوس ۽ مذمت ڪريان ٿو. فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪري ان ملاقات کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. اهڙي ملاقات جي خبر سامهون اچڻ بعد ڊاڪٽر شهباز گل ٽوئيٽ ڪندي ملاقات ڪندڙ اهڙن ماڻهن تي تنقيد ڪندي مٿن دٻاءُ وڌو آهي. هن چيو ته هي ماڻهو عمران جي خان جي پٺي ۾ ڇرو هڻي رهيا آهن. حيدر مهدي ملاقات بابت ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ طرفان مطالبا رکي ڇڏيا. هاڻي پي ٽي آءِ وارن اڳواڻن جي ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا لاءِ فنڊنگ بند ٿي سگهي ٿي. اهو پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم لاءِ ڀوائتو خواب هوندو، عمران خان لاءِ به اهو سٺو سنوڻ نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.