جن کي سنڌ جا ماڻهو ووٽ ئي نه ٿا ڏين اهي ڪئنالن کي تڪراري پيا بڻائين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪئنالن واري مسئلي تي انهن عنصرن جن کي سنڌ جي عوام ڪڏهن ووٽ نه ڏنو اهي احتجاج ڪري رهيا آهن، هاڻي پ پ لاءِ به مشڪل صورتحال ٿي وئي آهي، هاڻي پ پ سياسي طور درست فيصلو ڪيو آهي جيئن اهي ماڻهو ان جي پوزيشن کي خراب نه ڪري سگهن، جيو نيوز سان ڳالهائيندي هنچيو ته ڪئنالن وارو هڪ طرفو فيصلو ڪٿي ٿيو آهي؟ ڇا اها رٿا شروع ٿي وئي آهي؟ يا ان جي منظوري ملي وئي آهي؟ سي سي آءِ جو اجلاس عيد کانپوءِ ٿيندو، ان بعد ئي ڳالهه اڳتي وڌندي، جن عنصرن سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيو آهي، ان کان اڳ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو به انهن سياسي بڻايو هو، اڄ ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته قحط نه هجي ها، بجلي جو بحران به نه ٿئي ها، هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ذاتي ۽ گروهي مفادن سبب  ماڻهو قومي مفادن کي تڪراري بنائي ڇڏين ٿا، وقت کان اڳ اها ڳالهه ڪئي وئي آهي، چار مهينا اڳ انهن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پ پ ٻن مهينن کان واضح ڳالهائي رهي آهي ان باوجود ان تي الزام لڳي رهيا آهن ته اها رٿا جي حمايت ۾ آهي، سي سي آءِ، ارسا ۽ ٻين فورمن تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، ٻئي طريقي سان ان تي اتفاق راءِ ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪئنال رٿا کي ايترو تڪراري بڻايو ويو آهي جو  پ پ لاءِ مشڪل ٿي وئي آهي، هاڻي ان تي غور ڪرڻ تي به خدشا سامهون اچي رهيا آهن، سي سي آءِ جو اجلاس پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجي ها، اهو اجلاس ٿيندو، ان عمل کي تڪراري بڻائڻ ۾ پ پ ملوث ناهي، جن عنصرن ان کي تڪراري بڻايو آهي اهي روز ائين ڪندا آهن، اڃا به اهو ئي ڪم ڪري رهيا آهن، پ پ کي ڏوهاري ڪري پيش ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ جهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، شرجيل ميمڻ ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهي، هو هاڪاري جواب ڏئي ها ته سنڌ ۾ ماڻهو جهنڊا کڻي نڪري اچن ها، ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ڪئنالن جو مسئلو فيڊريشن کان وڏو ناهي، جيڪڏهن ڪئنالن تي اتفاق راءِ ٿيندو ته ڳالهه اڳتي وڌندي، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ وزيراعظم معاملي کي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته پيپلز پارٽي کي رد عمل ڏيڻو پوندو، فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيڻ کپي، سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي ۽ فيڊريشن تي حملا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي گڏجي ملڪ کي معاشي بحران کان نڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي، ياد رهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ٻه ڏينهن او صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته پيپلز پارٽي حڪومت ڪيرائڻ جي طاقت رکي ٿي، ۽ وزيراعظم کي ڪئنالن جو معاملو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.