نيشنل پارٽي پاران مولانا عبدالحق جي گهر تي ڇاپي جي مذمت

ڪوئيٽا (م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر جان محمد بليدي پنهنجي بيان ۾ مولانا عبدالحق بلوچ جي گهر تي ڇاپي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته مولانا عبدالحق بلوچ جو قومي ۽ بلوچستان جي سياست ۾ وڏو مقام رهيو آهي. مولانا عبدالحق بلوچ رواداري ۽ شرافت جي سياست کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته رياستي ادارن چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪندي مولانا عبدالحق بلوچ جي گهر جي احترام کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ بي حرمتي ڪئي آهي. نيشنل پارٽي اهڙي رياستي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ مولانا عبدالحق بلوچ جي گهر مان گرفتار ڪيل صبغت الله شاجي، ڊاڪٽر ثناءُ الله بلوچ، شمس عالم بلوچ ۽ آفتاب عالم بلوچ جي فوري طور تي آزادي جو مطالبو ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.