ٽنڊوڄام پوليس دوست جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

حيدرآباد(رپورٽر) پوليس ٽنڊو ڄام ۾ دوست هٿان تيزاب هاري قتل ڪيل نوجوان علي رضا ميمڻ جي ڪيس ۾ روپوش  جوابدار راشد ميمڻ کي گرفتار ڪري ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب گذريل ڏينهن ٽنڊو ڄام ۾ 21 ورهين جي نوجوان علي رضا ميمڻ تي تيزاب هاريو ويو. جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنھن کانپوءِ مقتول جي والد عبدالقيوم ميمڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن نامزد جوابدار راشد ميمڻ فرار ٿي روپوش ٿي ويو هو، جنهن کي ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب فريادي جو چوڻ هو ته راشد ۽ علي رضا پاڻ ۾ مائٽ ۽ دوست هئا، ڪنهن ڳالھه تان ٻنهي جو جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن جو صلح به ڪرائي وئي هئي، پر راشد ميمڻ ڪاوڙ ڪونه ڇڏي ۽ ان علي رضا تي حملو ڪري تيزاب هاريو، جنهن ۾ زخمي ٿيل علي رضا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

  • ساحر حسن خلاف جاچ، وڏا نالا سامهون اچڻ جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) جوابدار ساحر حسن وٽان هٿ آيل موبائيل فون فرانزڪ لاءِ لاهور اماڻي وئي آهي، جوابدار بازل جي ٽريول هسٽري به ايف آءِ اي کان گهري ويندي. ذريعن موجب جوابدار ساحر جي ٻين ساٿين کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي، وڌيڪ وڏا نالا سامهون اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب جوابدارن جا ساٿي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ منشيات نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا.

  • مصطفيٰ قتل ڪيس مان ڪيترائي نالا ختم ڪرائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) مصطفيٰ عامر جي قتل ڪيس جي ناقص جاچ بابت پراسيڪيوشن کاتي طرفان آءِ جي سنڌ کي خط لکي  سبب ٻڌايا ويا. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ذوالفقار علي آرائين موجب ڪيس جي جاچ دوران به ڪيترائي نالا سامهون آيا هئا جن کي بعد ۾ ڪڍيو ويو هو، ارمغان خلاف ڪيترائي ڪيس به سامهون آيا، ٻين ڪيسن جي ڪري اصل ڪيس تان ڌيان هٽي ويو هو، هاڻي ڪيس تي ڌيان آهي ۽ توڙ ڏانهن وڌي رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.