ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا / م ڊ) ميڊيا ورڪرن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ ۽ پيڪا آرڊيننس تحت صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پي ايف يو جي، جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد ريجن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ صحافين ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو، جڏهن ته مک احتجاج پي ايف يو جي، جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب کان ريڊيو پاڪستان تائين ريلي ڪڍي ڪيو ويو، احتجاج کي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نائب صدر خالد کوکر، ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح، ايڇ يو جي صدر وسيم خان ۽ جنرل سيڪريٽري جام فريد لاکو خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا ادارن طرفان عيدالفطر جي موقعي تي پگهارون جاري نه ڪرڻ سان ميڊيا ورڪر عيد جون خوشيون ملهائي نه سگهندا، هنن ميڊيا ورڪرن کي ادائگيون نه ڪرڻ واري عمل تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي گُهر ڪئي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اشتهارن جي ادائيگي کي ورڪرن جي پگهارن سان مشروط ڪيو وڃي، هنن چيو ته ملڪ ۾ پيڪا آرڊيننس تحت صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسين ڪوڙي خبر جا حامي نه آهيون، پر اهو ڪارو قانون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، پيپلزپارٽي ۽ مسلم (ن )جڏھن اپوزيشن ۾ ھنيو ته ان وقت پيڪا کي رد ڪري چڪيون هيون پر هن وقت سندن ئي حڪومت ۾ صحافين تي پيڪا تحت ڪيس ڪيا پيا وڃن جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، ٻي پاسي ايڇ يو جي جي سڏ تي دادو، سجاول، ٺٽو، بدين، مٽياري، ڄامشورو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪي يو جي طرفان پريس ڪلب ٻاهران صحافي اڳواڻن مظهر عباس، طاهر حسن، ڊاڪٽر توصيف احمد، سردار لياقت، دارا ظفر، امتياز فاران، جاويد چوڌري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي چيو ويو ته وفاقي حڪومت اقتدار جي لالچ ۾ اچي انڌي ٿي چڪي آهي، پيڪا ايڪٽ تحت هاڻي صحافين بعد عام شهرين کي به گرفتار ڪري خوف ۽ هراس ڦهلايو پيو وڃي، هنن چيو ته پيڪا ايڪٽ ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي، سکر ۾ صحافين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، لاهور ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، پي ايف يو جي جي جنرل سيڪريٽري ارشد انصاري چيو ته پيڪا ايڪٽ ختم نه ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ اسلام آباد ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، نامياري اينڪر سهيل وڙائچ چيو ته پيڪا ايڪٽ اسان لاءِ ناقابل قبول آهي، پيڪا ايڪٽ سان ملڪ کي فائدو نه ٿيندو، پر نقصان ٿيندو، انساني حقن جي چيئرپرسن منيزه جهانگير چيو ته اسين ڪاري قانون کي رد ڪريون ٿا، جيڪڏهن حڪومت کي ڪو مسئلو آهي ته سڀني جي سامهون ڳالهه ڪري.