ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ سخت گير رياست جون ڳالهيون

تحرير: علي ٿهيم

گذريل وڏي عرصي کان ملڪ جي ٻن صوبن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آيل آهن . بلوچستان صوبي ۾ دهشتگرد ڪاروائين ۾ گهٽتائي بجائي واڌ اچي رهي آهي . ساڳي صورتحال ڪي پي ڪي ۾ آهي جتي پڻ سيڪورٽي فورسز . مذهبي اڳواڻ . پوليس . مسجدون . مدرسا . امام بارگاهون محفوظ نه آهن . دهشتگرد جتي ٿا چاهين بنان ڊپ ڊاء جي ڪاروائيون ٿا ڪن . ٻنھي صوبن ۾ لا تعداد حملا ٿيا ۽ عام ماڻھن سان گڏ سيڪورٽي فورسز جي جوانن جو به رت وهايو ويو آهي . ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پکڙيل دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪئي فوجي آپريشن به ٿيا . هن وقت به اسٽيٽ پاران هارڊ اسٽيٽ جو نعرو هڻي دهشتگردن خلاف ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

بدقسمتي سان ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڃا تائين اڃا تائين ڪوبه سياسي حل نه ڪڍيو ويو آهي . سياسي حل نه ڪڍڻ سبب ملڪ ۾ دهشتگردي کان سوائي ٻيا به مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن . جيئن سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون ڏيڻ ۽ سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍي پنجاب چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ واري منصوبن خلاف تحريڪ زورن تي آهي . مزي جي ڳالھه ته سنڌي قوم ته پنھنجن حقن لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪئي آهي . ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاروائيون پيا ڪن انھن سان سياسي ڳالهيون نه پيون ڪيون وڃن پر سنڌ ۾ ته نج پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو پيو وڃي . ڇا حق گهرڻ وارن کي به ملڪ دشمن سمجهيو پيو وڃي جو انھن جي تحريڪ تي حڪمران ڌيان نه پيا ڏين . اسان جا ڪجھ سياستدان ته ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم پيا ڪن جيئن وفاقي وزير دفاع خواجا آصف ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڪجهھ شر پسند گوڙ پيا ڪن . خواجا آصف ۽ ن ليگي ٻين اڳواڻن کي مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ گهربو هو يا اهڙا بيان ڏيئي ويتر سنڌي قوم کي مڇرائڻو هو . برطانيا پاران 194 ملين پائونڊ جي رقم جيڪا ملڪ رياض کان واپس ورتي اها رقم سنڌ جي هئي اهي پئسا سنڌ کي ڏيڻ بجائي انھن پئسن مان پنجاب ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . سکر کان حيدرآباد تائين منظور ٿيل موٽروي رد ڪري اهو موٽروي پنجاب ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . جيڪي سنڌ سان نا انصافيون آهن . سنڌ جي مسئلي جو اڃا تائين ڪوبه سياسي حل نه پيو ڪڍيو وڃي جنھن جي ڪري سنڌ ۾ شروع ٿيل تحريڪ ختم ٿيڻ بجائي اڃا زور وٺي سگهي ٿي . ملڪ جي سياسي پارٽين جي ليڊرشپ ته هڪ ٻئي سان ذاتي دشمنيون رکيو ويٺي آهي . تازو حڪومت پاران ڪرايل ان ھائوس بريفنگ ۾ پي ٽي آئي قيادت شرڪت نه ڪئي . ۽ هاڻي پي ٽي آئي وري آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . هن وقت ملڪ سياسي معاشي توڙي اندروني خلقشار جو شڪار بڻيل آهي .

هن وقت ملڪ کي سنجيده قيادت جي ضرورت آهي جيڪا دهشتگردن جي خاتمي سميت صوبن جي جائز مسعلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري . بلوچستان ۾ سردار اختر مينگل جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ ساڻس ڳالهيون ڪري  . سنڌ جي ڪينال مخالف تحريڪ ختم ڪرائڻ لاءِ تڪراري منصوبن جي خاتمي جو اعلان ڪري . سنڌ جي 190 ملين پائونڊ جي رقم سنڌ حوالي ڪري . سکر حيدرآباد موٽروي واري رد ڪيل اسڪيم بحال ڪري . ان کان پوءِ ملڪ جي سمورين پارٽين جي گڏيل گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي تمام سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي دهشتگردي خلاف سخت قدم کڻي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪجي . حڪومت اڪيلي سر جيڪو ڪجهھ به ڪندي يقينن ان تي سياسي ڌريون تنقيد ڪنديون اهو ان ڪري جو حڪومت پاران جيڪي فائدا آهن اهي پنجاب حوالي ڪيا پيا وڃن . ننڍن صوبن جي عوام ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي ان احساس محرومي جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي . افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي هڪ ٻئي منھن نه پيو وڻي تمام پارٽيون ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ بجائي هڪ ٻئي تي تنقيد ۾ پوريون آهن . اهو سلسلو جاري رهيو ته نه ملڪ جون حالتون بهتر ٿينديون نه سياسي استحڪام اچي سگهندو .

ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته حڪومت جنھن جون ملڪ جي صورتحال بهتر ڪرڻ جون ذميواريون آهن فوري طور تي گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي انھن کان تجويزون وٺي سڀ کان پهرين ملڪ مان سياسي بحران کي ختم ڪيو وڃي ان کان پوءِ صوبن جا خدشا ختم ڪيا وڃن عوام جي آواز کي مان ڏنو وڃي ان کان پوءِ دهشتگردي خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي پوءِ ڏسو دهشتگردن کي ڪير ٿو پناھ ڏي ..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.