ائين ٿو لڳي تھ پاڪستان هڪ ‘شڪاري رياست’ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، اهو اصطلاح جيڪو معاشيات جي ماھر جيمز ڪي. گيلبريٿ استعمال ڪيو هو.اهو شڪاري رياست کي هڪ اهڙي نظام جي طور تي بيان ڪري ٿو، جنھن ۾ طاقتور ماڻهن جو ھڪ ننڍڙو گروھ (اشرافيه)پاليسين کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندو آھي، جڏهن ته آبادي جي اڪثريت ان جا نتيجا ڀوڳي ٿي. اهو ئي سبب آهي جنھن ڪري پاڪستان مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا مسئلا رياست جي ناڪامي جي علامت آهن.
جڏهن ته آرمي چيف چاهي ٿو ته ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهرين مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ ھڪ "سخت رياست” بڻايو وڃي. ھو ملڪ ۾ حڪمراني جي بگڙجندڙ صورتحال تي ناخوش آهي. هن قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي قيادت کان سوال ڪيو تھ "آخر ڪيستائين اسين پاڪستان فوج جي قربانين ۽ شهيدن جي رت سان خراب حڪمراني جي خال کي ڀريندا رهنداسين؟”
سندس خدشا شايد درست آهن. پر اصل سوال اهو آهي ته، اسان ان صورتحال تائين آخر ڪيئن پهتا آھيون جتي ٻھ اسٽريٽيجڪ اهميت رکندڙ صوبا بغاوت جي گرفت ۾ آهن ۽ اهو اسان جي ملڪ لاءِ هڪ وجودي خطرو بڻجي چڪو آهي؟
ملڪ کي ‘سخت رياست’ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي ۽ ان سان قومي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪھڙي ريت مدد ملندي ؟ اهو تصور بلڪل غلط آھي تھ طاقت جي استعمال سان ملڪ ۾ امن يقيني بڻجندو، اسان بلوچستان ۾گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان عملي مظاھرو ڏسندا آيا آھيون،جنھن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو آھي. ويڙهاڪن جون ڪارروايون ٻيلي جي باھ وانگر پکڙجي چڪيون آهن. جڏھن تھ رياستي جبر ۽ طاقت جي استعمال ذريعي ان باهه کي وسائڻ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيندو.
جڏهن آبادي ۾ شدت سان ويڳاڻپ جو احساس ُاسري رھيو هجي ته اھڙي صورتحال ۾ دهشتگردي جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي. سڄي صوبي ۾ وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ۽اڳواڻن جي گرفتاري جي خلاف بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ھڙتال جي ڪال بعد بلوچستان جي وڏي حصي ۾ زندگيءَ مفلوج ٿي وئي آهي. سياسي حل ڳولڻ بدران، رياست اھڙن ظالماڻن قدمن جو سهارو وٺي رهي آهي جنھن سان عوامي بيچيني ۾ اضافو ٿيندو.
رياستي جبر خلاف وڌندڙ عوامي بي چيني کي امن، امان جو معاملو قرار ڏيڻ،سياسي ذميواري تان ھٿ کڻڻ برابر آهي. يقيناً،طاقت جي استعمال سان امن آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن آبادي ۾ وڏي بي اعتمادي جي سببن تي ڌيان نھ ڏنو ويندو، تھ اھو تشدد وڌيڪ سنگين شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت رياستي جبر جي سھاري وٺڻ جي ضرورت پوندي. حقيقت ۾، قوم سالن کان شهيدن جي رت سان بي حس ۽ ظالماڻي پاليسين جي قيمت ادا ڪري رهي آهي.
بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو تھ بنيادي انساني حقن کان انڪار جو نتيجو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو بنيادي شهري آزادي ۽ انساني حقن جي دٻائڻ جي ڪري ويڙھاڪن جي وڌندڙ واقعن جي ڦاسي ويو آهي.رياستي مشينري جو بار بار استعمال اختيار جي نشاني ناهي پر ڪمزور حڪمراني جي نشاني آهي. ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته وڌيڪ جابراڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ سان
بلوچستان ۾ وڌيڪ حالتون سنڀالڻ ۾ نھ پيون اچن. پر ان جي بدران وڌيڪ خراب ٿي رھيون آھن.
جڏهن ڪا بھ رياست پنهنجن ماڻهن خلاف طاقت جو استعمال ڪري ٿي، ته اصل ۾ اھا رياست جي ڪمزوري ۽ عدم تحفظ جي نشاني آهي. هڪ غير محفوظ رياست هر شهري کي هڪ امڪاني حريف جي حيثيت سان ڏسي ٿي جيڪو ٻاهرين دشمنن سان سازش ڪري رهيو ھوندوآهي. پنھنجي ئي شھري کان ڊنل ۽ مشينري سان ليس پنھنجي بقا جي لاءِ خطرو بڻجي ويندي آھي. اها هڪ شڪاري رياست ۾ تبديل ٿي ويندي آهي جيڪا نه ته قانون جي حڪمراني کان متاثر ٿيندي آهي ۽ نه ئي مضبوط ۽خود مختيار ادارن ذريعي سخت احتساب جي عمل مان گذرندي آهي.
حڪومت ماڻهن جي بنيادي حق کسڻ سان مضبوط نه ٿيندي آهي، پر کليل تنقيد ڪرڻ ۽ عوام جي احتساب سان مضبوط ٿيندي آھي.اڄ اسان جيڪو ڏسي رھيا آھيون اھا هڪ اهڙي حڪومت آهي، جيڪا پنهنجي ڪنھن قدم جي لاءِ جوابده نه آهي. اها پنهنجن ئي شهرين جو اعتماد وڃائي ويٺي آهي. پاڪستان جي سلامتي جا گھڻائي مسئلا حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي ڪري پيدا ٿيا آھن. پاڪستان بنيادي طور تي هڪ ڪمزور رياست آهي جنهن جو نظام ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي.
موجوده حڪومت، جنھن تي سيڪيورٽي فورسز جو ڪنٽرول آهي، ملڪي ادارن کي نقصان پهچائي رهي آهي. اعليٰ عدالتن کان انهن جي آزادي کسي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ھاڻي قانون جي حڪمراني ناهي. فوج جي اثر هيٺ چونڊن ذريعي اقتدار ۾ آيل حڪومت پنهنجي قانوني ساک وڃائي چڪي آهي.عملي طور تي ٻن صوبن کي عسڪريت پسندي گهيري ورتوآهي، جنهن سان هڪ متحد قوم جي حيثيت سان ملڪ جو مستقبل خطرو ۾آهي.
سنڌ ۾ پڻ عوام جي وڌندڙ بي چيني جي ڪري صورتحال وڌيڪ خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪي آهي. ان جو سبب پنجاب جي بنجر زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڇهه ڪينال ٺاهڻ جو حڪومتي فيصلو آهي، جنهن لاءِ مشاورتي عمل ۾ ڪنھن کي شامل نه ڪيو ويو. ملڪ تي پنجاب جي سياسي ۽ معاشي غلبي قومي اتحاد کي ڪمزور ڪيو آهي.
اهو درست آهي ته اسان کي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ٻاهرين قوتن بابت فڪرمند ھجڻ گهرجي، پر اھڙي مداخلت جو وڏو سبب حڪومت جي پنهنجي ناڪامي آهي. جڏهن سرحد پار کان دهشتگردي ٿئي تھ فوج جي جوابي ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ ان وقت تائين فائديمند نه ھوندو جيستائين اسان پنهنجا اندروني معاملا حل نٿا ڪري وٺون. جيڪڏهن حڪومت پنهنجن ماڻهن جي خدشن ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي قابل نه رهي ته ٻين ملڪن خلاف ڪيتري به فوجي ڪارروائي ڪئي وڃي پاڪستان کي مضبوط نه بڻائي سگهندي.
هڪ ‘سخت رياست’ اها ھوندي آهي جيڪا پاليسين کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪندي آھي.ڪنٽرول مضبوط رکندي آھي۽ قومي مفادن تي ڌيان ڏيندي آھي. پر ڇا اسان وٽ طاقت جي استعمال کان سواءِ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪا واضح رٿابندي آهي؟
هڪ شڪاري رياست ماڻهن جي نمائندگي جي پرواهه نھ ڪندي آھي.بلوچستان ۾ اسان جھڙي نموني معاملن کي سنڀالي رھيا آھيون.ان مان جديد بيٺڪي رويا جھلڪن ٿا. جتي ماڻهن سان ناانصافي وارو سلوڪ ڪيو ويندو ھو.روش بدلائڻ ۽ قومي اتحاد کي بچائڻ لاءِ وقت بنھ گھٽ رھجي ويو آھي.