سنڌوءَ لاءِ جدوجهد ۽ سنڌ لاءِ جدوجهد

تحرير: ورثا پيرزادو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ڪو نئون ناهي. رسول بخش پليجي جي ڪتاب "سنڌ پاڻي ڪيس” ۾ اڳ ۾ ئي دستاويزي ثبوت موجود آهن ته ڪيئن برطانوي راڄ کان وٺي هاڻوڪي پاڪستاني رياست تائين، سنڌو درياءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ان جو رخ موڙڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جن جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجي جائز پاڻي جي حصي کان محروم رهي آهي. عالمي قانونن ۽ سنڌو پاڻي ورڇ بابت ٺاهيل معاهدن باوجود، واهن ۽ ڊيمز جي تعمير جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب سنڌ ڏانهن پاڻي جي وهڪرن کي محدود ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي عالمي قانونن موجب، ڇوڙ وارا علائقاجيئن سنڌ آهي سي پاڻي تي قانوني حق رکن ٿا، جڏهن ته پنجاب، جيڪو اپر رائپيرين وارو علائقو آهي، اهو ان تي مڪمل قبضو نٿو ڪري سگهي. پر تاريخ شاهد آهي ته پاڻي جي وسيلن تي ظلمن جو هڪ تسلسل رهيو آهي، ۽ سنڌ واسين هميشه اهڙن تڪراري پاڻي منصوبن کي رد ڪيو آهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن انهن ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو هو.

هاڻي سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ هڪ نئون خطرو "گرين انيشيئيٽو پروجيڪٽ” جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، جنهن ذريعي پاڪستاني رياست سنڌو درياءَ تي ڇهه ڪينال تعمير ڪري رهي آهي. هي منصوبو سنڌ جي زراعت لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان وڏي پيماني تي زمينون بنجر ٿي سگهن ٿيون، ۽ ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو پيو وڃي. اڳ ۾ ئي سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ۽ واهن ۽ ڊيمز جي واڌاري سان هي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو. پاڻي هڪ بنيادي وسيلو آهي، جيڪو انساني ۽ جانورن جي حياتيءَ سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي، پر اڄ ماڻهو پاڻي جي کوٽ سبب بوتلن وارو پاڻي وٺي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. جيڪڏهن هن استحصال کي روڪيو نه ويو، ته هي وڏا منصوبا نه رڳو انساني بحران کي وڌائيندا، پر ڏڪار، بي دخلي، ۽ موت کي به جنم ڏيندا.

پاڻي جي استحصال خلاف سنڌ ۾ مزاحمت تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. 6 ڪينال واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو انداز به بلڪل ڪالا باغ ڊيم جي خلاف جدوجهد جيان آهي، جنهن ۾ قومي ۽ ترقي پسند اڳواڻن ماڻهن کي تعليم ۽ شعور ذريعي منظم ڪيو هو. اڄ سنڌ واسي ٻيهر احتجاج، ريليون، ۽ مظاهرا ڪري پنهنجي آواز کي بلند ڪري رهيا آهن، ۽ تقريبن هر ضلعي ۽ شهر ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو آهي.

هن تحريڪ جو اهم پاسو عورتن ۽ ٻارن جي شموليت آهي. تاريخي لحاظ کان، سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياهه تي حڪمران طبقي جي قبضي خلاف عورتن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هاڻ، سنڌ جون نوجوان ناريون ۽ پوڙهيون انهيءَ جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيون آهن. سڀ کان اهم احتجاج 16 مارچ 2025 تي ٻلھڙيجي ڳوٺ ۾ ٿيو جنهن کي "لٽل ماسڪو” به چيو ويندو آهي، جتي عورتن مزاحمت جي اڳواڻي ڪندي پنهنجن پاڻيءَ جي حقن جو مطالبو ڪيو.

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي ڪريڪ ڊائون هن تحريڪ کي وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏيو. 4 مارچ 2025 تي، "سنڌو بچايو” جي نالي سان هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن تي رياستي جبر لاڳو ڪيو ويو. شاگردن جي تحريڪ کي خاموش ڪرائڻ جي هن ڪوشش سنڌ واسين جي حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ۽ سڄي سنڌ جي عوام کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو رڳو سياسي معاملو ناهي، پر اهو زندگي، انصاف، ۽ انساني حقن جو مسئلو آهي. سنڌ واسي خاموش نٿا رهن، جڏهن ته سنڌو درياهه سندن زندگيءَ جي نڙي اميرن جي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. مزاحمت وڌي رهي آهي، مظلومن جا آواز به وڌيڪ بلند ٿي رهيا آهن ۽ هو پنهنجي پاڻي جي منظم چوري کي بند ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن.

اڄ، پاڪستاني رياست ٻٽي بحران جو شڪار آهي، هڪ پاسي بلوچستان، جتي عوام پنهنجي مسنگ پرسن پيارن لاءِ مزاحمت ڪري رهيو آهي جنهن سان پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڳالهين ۾ ناڪام رهي آهي ۽ هاڻي هنن هٿيارن جو سهارو ورتو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته امن پسند احتجاج ڪندڙن کي گولين ۽ بمبارين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جيڪڏهن هي جنگ جاري رهي، ته پاڪستاني رياست ٻيهر ورهاڱي جو شڪار ٿي سگهي ٿي، ڇو ته مظلوم عوام آزاديءَ جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو.

هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اسان اسرائيل ۽ فلسطين جي صورتحال کي پنجاب ۽ سنڌ/بلوچستان سان ڀيٽي سگهون ٿا. پنجاب طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي قبضي سان عوام بغاوت تي مجبور ٿي رهيو آهي، جتي نوجوان، ٻار، عورتون، ۽ پوڙها به احتجاج ڪري رهيا آهن. هي جدوجهد هٿيارن سان ختم نٿي ٿي سگهي، پر امن پسند ڳالهين سان حل ٿي سگهي ٿي. پر پاڪستان ۾، اسٽيبلشمينٽ کي صرف هٿيارن جي ٻولي سمجهه ۾ ايندي آهي، ۽ سياستدان انهن جا ڪٺ پتلي آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو قانون تي اعتماد وڃائي چڪا آهن، ڇو ته پاڪستاني رياست پنهنجو ئي آئين لتاڙي، مظلومن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ غيرقانوني طريقي سان طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي صورتحال سالن کان جاري رياستي ظلمن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جو هڪ چٽو مثال آهي. پاڻي، جيڪو سڀني لاءِ هڪ محفوظ وسيلو هجڻ گهرجي، ان کي هڪ سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جيئن پوري قوم کي غلاميءَ ۾ رکجي. سنڌو درياهه تي هلندڙ جنگ رڳو زراعت بابت ناهي اهو زندگيءَ جي بنيادي حق بابت آهي. پاڻي کان سواءِ لکين ماڻهو بک، بيمارين، ۽ لڏ پلاڻ جو شڪار ٿيندا. اهڙي صورتحال ۾، مزاحمت ئي واحد رستو بچي ٿو.

سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر اهو سنڌ جي تهذيب، ثقافت، ۽ سڃاڻپ جو نالو آهي. ان جي حفاظت لاءِ جدوجهد سنڌين جي تاريخي شعور جو حصو آهي. هر احتجاج، هر ريلي، ۽ هر آواز جيڪو ناانصافيءَ خلاف اٿيو، اهو سنڌ جي ”نه جهڪندڙ“ جذبي جو ثبوت آهي، جو پنهنجي زمين ۽ مستقبل کي ڦرڻ نه ڏيندو.

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان، پاڪستاني رياست سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن کي جبر سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جبري گمشدگيون، گرفتارين، ۽ تشدد سان هر قسم جي بغاوت کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن خلاف تازو ڪريڪ ڊائون ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسٽيبلشمينٽ نوجوانن جي تحريڪ کان ڊڄي رهي آهي. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ماڻهو آخري حد تي پهچي وڃن، ته هو هڪ نئين سگهه سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.

پاڻيءَ جي جنگ ڪا ڌار وڙهندڙ جنگ ناهي، اهو رياستي استحصال، فوجي آمريت، ۽ معاشي ناانصافي خلاف وڏي جنگ جو حصو آهي. سنڌو درياءَ لاءِ وڙهڻ جو مطلب پنهنجي وجود، خودمختياري، ۽ بقا لاءِ وڙهڻ آهي. عالمي برادري کي پاڪستاني رياست جي ماحولياتي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي بابت آگاهه ڪرڻ ضروري آهي.

هي جدوجهد هڪ ڏينهن جي احتجاج سان ختم نه ٿيندي پر  هڪ مستقل مزاحمت، اتحاد، ۽ سياسي سجاڳيءَ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي متحرڪ رهڻ، علم حاصل ڪرڻ، ۽ منظم ٿيڻ گهرجي. ڇو ته پاڻيءَ لاءِ جنگ بقا جي جنگ آهي، ۽ مظلومن جو آواز ڪڏهن به خاموش نه ٿيندو.

سنڌو وهندو رهندو ۽ مزاحمت به جاري رهندي، جيستائين ظلم ختم نه ٿيئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.