ماهه رنگ،سمي دين بلوچ جي آزادي لاءِ اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ جاري

ڪوئيٽا/وڍ (م ڊ+يار محمد بروهي) ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن جي گرفتاري ۽ تشدد خلاف بلوچستان نيشنل پارٽي پاران لانگ مارچ سردار اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ خضدار جي علائقي وڍ کان  شروع ٿيو جيڪو روان دوان رهيو، خضدار مان روانگي کان اڳ ريلي کي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته هو شام ڪوئيٽا ۾ سونا خان ٿاڻي واري علائقي ۾ پهچندا، هي لانگ مارچ ڪنهن سياسي مقصد لاءِ ناهي، نه ئي ڪنهن هڪ پارٽي جو آهي پر بلوچستان جي عوام، ننگن ۽ عزت جي تحفظ لاءِ ماڻهو شريڪ ٿيندا،ماه رنگ ۽ سمي دين بلوچ اهي عورتون ناهن بلوچستان جي عزت آهن،هن چيو ته هو عيد جي ڪپڙن کانسواءِ ڪفن به کڻي نڪتا آهن، هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته جيڪڏهن گرفتار عورتن کي آزاد نه ڪيو ويو ته لانگ مارچ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويندو،سردار اختر مينگل ايڪس بيان ۾ چيو ته رنڊڪن باوجود اسان قلات پهچي ويا آهيون، لڪپاس جي ٻنهي پاسن کي ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل نيٽ ورڪ مڪمل طور تي بند آهي، رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪنٽينر رکيا ويا هئا. هن چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته ڪوئيٽا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي لڪپاس وٽ گڏ ٿين ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن ۽ پرامن رهن ٻئي پاسي سردار اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ کڊ ڪوچا پهچي ويو، جتي نواب محمد خان شاهواڻي پاران مارچ جي آجيان ڪئي وئي. سردار اختر مينگل موجب مارچ ڪوئٽا ريلوي هاڪي چوڪ وٽ بيهندو، جتي مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻو جاري رهندو. هن اعلان ڪيو ته عيد جي نماز به هاڪي چوڪ ۾ ادا ڪئي ويندي،مارچ روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن پاران بيهاريل”پهرين رڪاوٽ“ کي پار ڪري ورتو آهي،اهلڪارن اسان جي ماڻهن کي مڇرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پرامن مارچ لاءِ اسان جو عزم غيرمتزلزل آهي،خضدار کان ڪوئيٽا تائين سمورن پيٽرول اسٽيشنن کي سيل ڪيو ويو ،لانگ مارچ جاري رهندو،اهي بزدلاڻا قدم اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿا،بلوچ قوم جو آواز ٻڌو ويندوٻئي پاسي  ڪنٽينر لڳائي ڪوئٽا جا رستا بند ڪيا ويا آهن بلوچستان ۾  انٽرنيٽ سروس  بند ڪئي وئي آهي. اي آئي جي ڪوئيٽا پاران عيد جي موقعي تي پوليس اهلڪارن جو موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته بي واءِ سي پاران جڳهه جڳهه تي لانگ مارچ جي آجيان ڪئي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.