ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته صوبي ۾ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر ضرورت پوڻ تي اهڙو آپريشن ٿي سگهي ٿو،اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ بلوچستان هائوس ۾ عالمي ميڊيا سان هڪ ويهڪ دوران ڪيو،هن چيو ته صوبي ۾ سمارٽ ڪائنيٽڪ آپريشن جي ضرورت آهي،جڏهن ته انٽليجنس آپريشن اڳ ئي صوبي ۾ جاري آهن،9 ٽرينون بحال ڪيون پيون وڃن،هن چيو ته اسان وٽ پڪا ثبوت موجود آهن ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي انهن دهشتگردن جي حمايت ڪري ٿي،اهي دهشت گردي کي جائز قرار ڏيڻ چاهين ٿا،انهن عورتن کي گرفتار ڪرڻ آخري آپشن هو.