ڪراچي(رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحه احمد خان پاران چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط، ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن تي از خود نوٽيس وٺڻ جي اپيل رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ 2025 جي شروعات کان 207 فوتگيون ۽ 2,623 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هن مالير هالٽ حادثي، حامله عورت، سندس مڙس ۽ نوزائيده ٻار جي المناڪ موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. طحه احمد خان خط ۾ لکيو ته ملير هالٽ سانحي تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، لاپرواهي جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي شراب پي مرڻ وارن کي معاوضو ڏئي ٿي، پوءِ ڪراچي جي شهرين کي ڇو نه ٿو ملي؟ غيرقانوني ڊمپرز ۽ هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ تي سخت پابنديون لڳايون وڃن. ڪراچي ۾ روڊن جي حالت بهتر بڻائي وڃي ۽ اسٽريٽ لائيٽس جي انسٽاليشن کي يقيني بڻايو وڃي.