سي پي اين اي پاران صحافي فرحان ملڪ ۽ وحيد مراد جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) صحافي فرحان ملڪ ۽ صحافي وحيد مراد جي گرفتاري ۽ ايف آءِ اي اهلڪارن پاران پيڪا ايڪٽ 2025 تحت هڪ دڪان جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جنهن راولپنڊي ۾ ٽريفڪ پوليس خلاف قانوني ڪارروائي جي وڊيو وائرل ڪئي هئي، سي پي اين اي جي صدر ارشاد احمد عارف ۽ سيڪريٽري جنرل اعجازالحق پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ 2025ع جي منظوري وقت سي پي اين اي ۽ ٻين صحافتي تنظيمن پاران جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، ان جا خراب اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت ۽ جمهوري ادارن کي آئين ۾ ڏنل حق جي روشنيءَ ۾ پريس جي آزادي سان لاڳاپيل معاملو حل ڪرڻ گهرجي ۽ اهو تاثر پيدا نه ٿيڻ ڏنو وڃي ته پيڪا ايڪٽ حڪومت ۽ سرڪاري آفيسرن جي خراب ڪارڪردگي کي لڪائڻ لاءِ لاڳو ڪيو ويو، هن هڪ ڀيرو ٻيهر اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيڪا ايڪٽ 2025 کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

پيڪا ڪيس ۾ گرفتار صحافي وحيد مراد ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل انويسٽيگشن ايجنسي (ايف آئي اي) اسلام آباد جي صحافي وحيد مراد کي پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 10 ڏينهن بدران 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آئي اي جي حوالي ڪري ڇڏيو، صحافي وحيد مراد کي اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه کي پيش ڪيو ويو، وحيد مراد عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته منهنجي سس ڪينسر جي علاج لاءِ ڪيناڊا مان هتي آئي آهي، رات جو دير سان پوليس منهنجي گهر ۾ دروازو ٽوڙي داخل ٿي، سس کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، مون کي 20 منٽ اڳ ايف آئي اي جي حوالي ڪيو ويو آهي، وحيد مراد جي وڪيل ايمان مزاري عدالت کي ٻڌايو ته وحيد مراد کي حبسِ بيجا ۾ رکڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي، جج پڇيو ته وحيد مراد کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو؟ ايف آئي اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪالهه رات گرفتاري عمل ۾ آئي هئي، وحيد مراد تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهي، پراسيڪيوٽر عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته صحافي وحيد مراد تي ادارن خلاف نفرت ۽ اشتعال پکيڙڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، وحيد مراد آرمي چیف جي گهرڀاتين بابت احمد نوراني جي رپورٽ پڻ شيئر ڪئي هئي.عدالت کي آگاھه ڪيو ويو ته وحيد مراد سوشل ميڊيا تي بي ايل اي ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل پوسٽون شيئر ڪيون، انهن جي ايڪس ۽ فيس بڪ اڪائونٽن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي آهي ۽ موبائل پڻ رڪور ڪرڻو آهي.وڪيل ايمان مزاري چيو ته ايف آئي اي وحيد مراد کي پهريان نوٽيس ڇو جاري نه ڪيو؟ معاون وڪيل هادي چٺا عدالت ۾ چيو ته صحافت هن ملڪ ۾ ڏوهه بڻجي چڪي آهي، جيڪڏهن ڏوهه ٿيو ئي ناهي ته عدالت ڊسچارج به ڪري سگهي ٿي ۽ جوڊيشل پڻ ڪري سگهي ٿي، صحافين کي هراسان ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيو پيو وڃي.

صحافي فرحان ملڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي  حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾  گرفتار صحافي فرحان ملڪ کي ٻئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي  عدالت ۾پيش ڪيو، عدالت صحافي فرحان ملڪ کي پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي  حوالي ڪري ڇڏيوآهي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته فرحان ملڪ تي پرڏيهي سان نيٽ تي فراڊ ڪرڻ جو الزام آهي، گذريل ڏينهن صحافي فرحان ملڪ خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس ۾ ٻئي عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو،  پر ايف آءِ اي کيس جيل اماڻڻ جي بجاءِ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

صحافين جون گرفتاريون پيڪا ايڪٽ جو نتيجو آهن:فاضل جميلي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ مجلس عامله صحافي فرحان ملڪکي هڪ ٻي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ ۽ پيڪا ايڪٽ تحت صحافي وحيد مراد جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ صحافت کي جرم بڻايو ويو آهي. مسلسل صحافين جون گرفتاريون پيڪا ايڪٽ جو نتيجو آهن، جيڪو سڄي دنيا ۾ حڪومت ۽ رياست جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته صحافين خلاف انتقامي ڪارروايون بند ڪري.عهديدارن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته پيڪا ايڪٽ 2025 جي منظوري وقت ڪراچي پريس ڪلب ۽ ٻين صحافتي تنظيمن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا هئا، سي هاڻي پنهنجي خراب اثرن سان ظاهر ٿي رهيا آهن. فرحان ملڪ ۽ وحيد مراد جون گرفتاريون ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهن. فرحان ملڪ کي فراڊ جي هڪ ٻي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيڪا ايڪٽ تحت FIA کي لامحدود اختيار ڏئي ڇڏيا ويا آهن. فرحان ملڪ کي عدالت جيل حوالي ڪيو هو، پر هاڻ ته عدالتن جا حڪم به نظرانداز ڪيا پيا وڃن.

صحافين جا خدشا درست ثابت ٿيڻ لڳا

اسلام آباد(منصور علي خان)صحافي فرحان ملڪ تي هڪ ٻيو ڪيس مڙهيو ويو آهي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته هو ڪال سينٽر هلائي ٿو، عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته حڪومت جڏهن ڏسندي آهي ته هڪ ڪيس ۾ ضمانت يا آزادي ٿيڻ واري آهي ته فورن ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ٻيو ڪيس مڙهي ڇڏيندي آهي هن معاملي ۾ ائين ئي ڏٺو ويو آهي،اسلام آباد ۾ صحافي وحيد مراد تي گهر تي چڙهائي دوران اهلڪارن چيو ته اسان هڪ افغان شهري جي ڳولا ۾ آيا آهيون، صحافي کي اکين تي پٽيون ٻڌي کنڀيو ويو،وحيد مراد تي الزام آهي ته هن آرمي چيف جي خاندان جي حوالي سان خبر شيئر ڪئي هئي ۽ بي ايل اي کيس سپورٽ ڪري ٿي، وحيد مراد هڪ بهترين قسم جو صحافي آهي هو مطيع الله جان سان گڏ ڪم ڪندو آهي،هو هر حڪومت جو ناقد رهيو آهي،بي باڪ نوجوان آهي،کليل نموني ڳالهائيندو آهي،تهذيب جي دائري ۾ رهي ڳالهائيندو آهي هن کي به پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي،هي اهو ئي پيڪا ايڪٽ آهي جنهن بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا ته اهو صحافين خلاف استعمال ٿيندو ،هاڻي اهو ئي ٿي رهيو آهي،وزيراعظم ۽ موجوده سيٽ اپ لاءِ اهو خراب خبرون ئي آڻي رهيو آهي،حڪومت جي نيڪ نامي خراب ٿي رهي آهي،حڪومت به عمران خان جهڙا قدم کڻي رهي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.