ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي ڀرياسٽي ۾ ريلي،ڌرڻو

نوشهروفيرز/ ڀريا سٽي (عتيق الرحمان وسطڙو+مجيد ڪيريو) ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڀريا سٽي ۾ ريلي ۽ ڌرڻو، ٽرئفڪ معطل. عورتن، ٻارڙن، نوجوان، ھارين، مزدورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ڪئنالن خلاف زوردار نعريبازي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي سنڌ جي وجود تي وار قرار ڏنو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، حسين سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، عوامي تحريڪ ضلعي نوشهرو فيروز جي صدر لطيف ڀٽي، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڪائنات راڄپر، سنڌيا راڄپر، زينت منير، باک سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار ايس آءِ ايف سي جو ادارو جوڙيو آهي، سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال به ايس آءِ ايف سي تحت ڪڍيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ، ايس آءِ ايف سي ۽ ڇهه نون ڪئنالن سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن ۾ شهباز سرڪار جي ڪرائيم پارٽنر آهي. پيپلز پارٽي جا اڄوڪا احتجاج ڪئنالن خلاف ناهن، بلڪه ڪئنالن خلاف سنڌي قوم جي پر امن جمهوري جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي سازش آهن، پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ۾ مهم هلائڻ لاءِ ڪئنالن خلاف احتجاج جو ڍونگ رچايو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.