جيڪڏهن ادارا ڪم نٿا ڪن ته انهن کي بند ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪلفٽن بلاڪ 8 ۾ غيرقانوني اڏاوت خلاف رهواسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پراپرٽي مالڪ کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ جي سي اي او کي به مالڪ کي ذاتي حيثيت ۾ ٻڌڻ جو حڪم ڏنو. عدالت هدايت ڪئي ته غيرقانوني اڏاوت ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ان لاءِ رينجرز ۽ پوليس جي مدد به حاصل ڪئي وڃي. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته پوليس ۽ ٻيا ادارا غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار نٿا ڪن، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان ادارن کي بند ڪري گهر هليا وڃو، اسان عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.