بلوچستان مسئلي جو حل طاقت نه پر سياست ذريعي ممڪن آهي

جڏھن بھ بلوچستان ۾ ڪو وڏو واقعو ٿيندو آھي تھ عام طور تي ميڊيا ۾ اھو بحث شروع ٿي ويندو آھي تھ ان کي ڪئين منھن ڏئي سگھجي ٿو.ھر ڌر يا حلقي پاران مخلتف ويچار اھڙي سنگين مسئلي جي حل لاءِ سامھون اچن ٿا.تازو ميڊيا ۾ بلوچ بغاوت جي شدت ھڪ ڀيرو ٻيھر ان بحث کي جنم ڏنو آهي.جنھن موجب اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت طرفان بغاوت جو حل صرف طاقت کي قرار ڏنو پيو وڃي.جنھن بابت تازو "ھارڊ اسٽيٽ”  جو اصطلاح ڪتب آندو ويو آھي.ٻئي طرف، دانشور ۽ سياسي ڌريون ان ڳالھھ تي زور ڏئي رھيون آھن تھ سياسي مسئلا سياسي طريقن سان حل ٿيڻ گهرجن.ان سلسلي ۾ دنيا جي ڪل 71 بغاوتن جي ڪيس اسٽڊي بابت ھڪ جامع رپورٽ بھ ميڊيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آھي.”پاٿ آف وڪٽري  جي عنوان سان بغاوت ڪيسن جي اسٽڊيز تي ٻڌل ان  تفصيلي رپورٽ “ ۾ ڪافي دلچسپ مواد موجود آھي،جنھن ۾ ٻي مھاڀاري لڙائي کان وٺي 2010  تائين ٿيندڙ ڪل 71 بغاوتن جو تجزيو ڪيو ويو آھي.

جيتوڻيڪ بغاوتن کي ڪنھن ھڪ طريقي سان منھن نٿو ڏئي سگھجي.ان مسئلي کي وڏي دائري ۾ ڏسڻ جي ضرورت آھي.ان ھوندي بھ ان جامع رپورٽ ۾ٽن  عنصرن کي اھم قرار ڏنو ويو آھي.جنھن موجب سڀ کان پھرين ڪنھن بھ بغاوت کي ملندڙ مٽيريل سپلاءِ کي ختم ڪيو وڃي.يعني تھ بغاوت کي سگهھ بخشيندڙ افرادي قوت،مالي مدد ۽ ھٿيارن جي سپلاءِ کي  ختم ڪرڻ. ٻيو تھ ان لاءِ ارادو ۽ حوصلو گھربل آھي.يعني اھڙي تحريڪ جي لاءِ ايڪشن آف پلان چٽو ھجي.ڪا ٻڏتر نھ ھجي.روڊ ميپ ھجي. رٿابندي ھجي،وقت جو تعين ھجي.ان لاءِ ھدف مقرر ڪجن، ان تي ڪم ڪيو وڃي.ٽيون ھي تھ ڪنھن بھ اھڙي تحريڪ جي لاءِ لچڪ ھجڻ لازمي آھي.ڪنھن بھ صورت ۾ رڳو ھڪڙو اٽل پاسو نھ ھجي تھ وقت ۽ صورتحال موجب ان تي احتياط سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي.

جامع رپورٽ ۾ ڪجھھ ٻين اھم ڳالھين کي شامل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ڪرپشن جو ذڪر ڪيو ويو آھي.جنھن مان مراد آھي تھ بغاوت کي منھن ڏيڻ وقت جاري حڪمت عملي ۾ ڪرپشن بلڪل نھ ھجي.ڪنھن بھ ريت ڪنھن ھڪ اڳواڻ يا ڪنھن مخصوص ڌڙي يا پارٽي جي ڪيل بغاوت جي بدلي ۾ ان علائقي جي سموري آبادي ۽ قوم کي سزا نھ ڏني وڃي.ڪنھن امداد جي آسري يا ڪنھن ٻئي مفاد جي ڪري ڪنھن بھ اھڙي آپريشن کي هرون ڀرون نھ اينگھايو وڃي.حڪمراني جي رٽ ھجي ۽ اھا بھترين ھجي.علائقي جي آبادي جي آخري ڪنڊ تائين جي ڄاڻ ھجي.رپورٽ موجب اھو ڏٺو ويو آھي تھ دنيا ۾ ڪنھن خطي ۾ آپريشن جي وقت ڪنھن غير ملڪي مدد جي آسري تي ڪارروائي کي ڊگھو ڪيو ويندو آھي.اجائي فورس کي ڪتب نھ آندو وڃي.يعني جتي جيتري ضرورت ھجي اوتري طاقت استعال ڪيو وڃي، ان ڪيس اسٽڊي ۾ اھو بھ چيو ويو آھي تھ حڪومتي ڍانچي ۽ ان جي سمورن ادارن ۾ ھم آھنگي ھجي.ان جو مطلب تھ سرڪاري کاتا پاڻ ۾ جڙيل ھجن ۽ آپريشن دوران ھڪ ٻئي جي عمل ۽ حڪمت عملي کان مڪمل آگاھ ھجن.سرڪاري ادارن تي مرڪزي اداري جو ڪنٽرول ھجي.جنھن سان ھڪ اعتماد وارو ماحول پيدا ٿيندو.دنيا جي بغاوتن جي جائزي ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ عام حالتن ۾ بغاوت خلاف ڪارروائي سان  گھڻو ڪري ماڻھو باغي ٿين ٿا ۽ اھي ئي ويڙھاڪ جٿن ۾ شامل ٿين ٿا. اھڙي صورت ۾ ضرورت ان ڳالھھ جي ھوندي آھي تھ حڪومتي ڌر عوام کي اعتماد ۾ وٺندي ھلي ۽ انھن جا مسئلا بھ حل ڪندي ھلي.ان لاءِ بغاوت جو سبب بڻجندڙ اصل معاملن کي منھن ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ جي گھڻي گھرج ھوندي آھي.

جوڙيل جامع رپورٽ ۾ ڪل 71 بغاوتن جي مدي بابت ڄاڻايو ويو آھي تھ انھن بغاوتن جو مختصر ترين وقت 9 مھينا ۽ ڊگھي ۾ ڊگھي بغاوت 35 سال ھلي ھئي.جڏھن تھ بغاوتن جو سراسري وقت 128 مھينا يا ساڍا 12 سال رھيو آھي. مطالعي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ 1971 جي بغاوت جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي نقصان جي پويان ٻن اهم عنصرن جي نشاندهي ڪئي وئي. ھڪ تھ سياسي مينڊيٽ کان انڪار ۽ طاقت جو بيجا استعمال. پر تاريخ جي انھن سبقن جي باوجود پاڪستان 1972کان 1978 وارين بغاوت دوران بلوچستان ۾ ساڳيو طريقو اختيار ڪيو. بلوچ پيپلز لبريشن فرنٽ (بعد ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ) کي وسيع مقامي حمايت حاصل هئي ۽ انهن معياري گوريلا حڪمت عملي استعمال ڪئي، يعني بلوچستان ۽ ان جي پاڙيسري صوبن جي وچ ۾ اهم سپلاءِ لائين ۽ ٽرانسپورٽ رستن کي نشانو بڻايو. جڏهن ته باغي وڏي ۽ بهتر  ھٿياربند فورس تي قابو پائڻ ۾ ناڪام رهيا، جيڪا پاڪستاني فوج ۽ خاص فوجن تي ٻڌل هئي. جنھن سان پاڪستان ان بغاوت کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.ان وقت ايران پاڪستان جي مدد ڪئي ھئي.

جيتوڻيڪ ان بغاوت تي حاصل ڪيل ضابطي کان پوءِ اتي حقيقي جمھوري سسٽم کي سگھارو ڪري ھلائڻ گھرجي ھا، پر مقرر پلان مطابق ان تي عمل نھ ٿيو جنھن ڪري اھو عمل مڪمل نھ ٿيو. ھتي اھا ڳالھھ اھم آھي تھ جيڪڏھن ماڻھن کي اھو احساس ٿيندو تھ انھن جي مينديٽ سان ھٿ چراند ڪئي وئي آھي ۽ انھن جي راءِ جو احترام نھ ڪيو ويو آھي تھ ان جي نتيجي ۾ پڻ مسئلو حل نھ ٿيندو ڇاڪاڻ جو ماڻھن سان ھٿ ٺوڪي ۽ ڪٺ پتلي حڪومت جي لڳ لاڳاپي نھ ھئڻ ڪري اھو عوام حقيقي معاملن کان بي نياز ھوندي جنھن وٽ عام ماڻھن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نھ ھوندي.نتيجي ۾ عوام ان کي عوامي قبوليت نھ ملندي.

ھن وقت بلوچستان ۾ جاري بغاوت بابت ڪي ڳالھيون چٽيون آھن تھ ان کي پاڙيسري ملڪ افغانستان  جي مدد ملي رھي آھي ۽ ايران پڻ باغين جي پاسي آھي. سرحد پار انهن جي موجودگي انهن لاءِ فيصلي واري فتح جو سبب بڻجڻ بدران تڪرار کي ڊگهو ڪيو. دنيا ھن وقت ھڪ ٻئي کان سکي ٿي. عملي طور تي ڪيس اسٽڊي جا نتيجا حقيقت جي گھڻو ويجھا ھوندا آھن. مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ ڪنھن ٺوس حڪمت عملي تحت اڳيان وڌجي تھ مسئلي حل ٿيڻ جي اميد جنم وٺي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.