سنڌ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي وايومنڊل

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جا سياسي حلقا هاڻ سنڌ جو سياسي منظر نامو تبديل ٿيندي محسوس ڪري رهيا آهن جنهن جو وڏو سبب سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيون آهن جيڪي وفاق يعني پنجاب ۽ خود سنڌ جي اقتداري قوتن کان ٿيندي ڏسڻ ۾ پيون اچن جنهن کي بنياد بڻائي سنڌ جا قومپرست توڙي عام ماڻهو احتجاجي سياست پيو ڪري پر خود حڪمران به ان ڳالهه کي مڃين پيا ته پنجاب ۽ وفاق جيڪي به فيصلا ڪرڻ ۾ جلد بازي پيو ڪري اهي سنڌ مخالف آهن جن ۾ نون ڪئنالن جي اڏاوت به شامل آهي. جنهن سان سنڌ ايندڙ سالن ۾ معاشي طور تباهه ٿيڻ وڃي آهي، جنهن جي نشاني سنڌ ۾ سوڪهڙو ۽ گهٽجندڙ زرعي پئداوار  انهي حد تائين جو سنڌ جي ماڻهن جو سياسي سماجي ۽ معاشي حق ڦٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ سنڌ ۾ ون پارٽي اقتدار آهي جيڪو هاڻ سنڌي ماڻهو توڙي سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريا به برداشت نٿا ڪن. هڪ پارٽي جي تسلسل سبب سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت ۽ بدعنواني به عروج تي آهي جنهن ڪري اغوا، قتل ۽ عام ماڻهن جي ملڪيتن تي ناجائز قبضا به ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري اقليتون توڙي عام ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃن ٿا، جنهن ڪري به انهن ۾ مايوسي پئدا ٿي چڪي آهي.

سنڌ هن وقت مختلف معاشي ۽ سياسي مسئلن جو شڪار آهي جن مسئلن تي مخالفن خاص ڪري قومپرست ڌرين جي سياست هلي رهي آهي ۽ روز احتجاج ٿين ٿا ريليون نڪرن ٿيون جنهن سنڌ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو آهي جيڪا پڻ عوامي ڊپ جو شڪار آهي ۽ ان خوف کي نظر  ۾ رکندي تازو وزيرن جي کاتن ۾ به ردوبدل ڪئي وئي آهي ۽ اهي کاتا هن ماڻهن ۽ وزيرن کي ٻيهر مليا آهن جن جو به ماضي ۾ به ڪا سٺي ڪارڪردگي ناهي رهي ۽ هڪ وڏي عرصي کان وزارتن تي فائز آهن.                                   سنڌ جا قومپرست سنڌ ۾ متبادل سياسي قيادت آڻڻ جو ارادو رکن ٿا جنهن  لاءِ هنن پ پ  شهيد ڀٽو جي قائد ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کي سياست ۾ ان ڪرائڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ هن به سياست جو رخ اختيار ڪيو آهي جنهن فل پروٽوڪول سان لاڙڪاڻي لڳ درياهه ڪنڌي پاڻي جي مسئلي تي هڪ احتجاجي مظاهري جي قيادت ڪندي ڏسڻ ۾ آيو. سنڌ جي سياسي حلقن ذوالفقار ڀٽو جونئير جي هن سياسي تقريب کي مستقبل جي سياسي جدوجهد جو هڪ حصو سڏيو آهي جنهن سان سنڌ جي اقتداري سياست ۾ ٿرٿلو متل آهي ۽ امڪان آهن ته هن کي مستقبل جي سياسي خال ڀرڻ  لاءِ ميدان تي لاٿو وڃي.

چيو وڃي ٿو ته سگهاريون ڌريون به سنڌ ۾ ون مين شو اقتدار کان هاڻ تنگ آهن جيڪي سنڌ ۾ نئين تبديلي جو ارادو رکن ٿيون.ممڪن آهي ته سنڌ جي ڪجهه مخالف سياسي ڌرين ۽ قومي سوچ رکندڙ قومپرستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڪو نئون اتحاد ٺهرايو وڃي جنهن ۾ متحده اي اين پي فنڪشنل ليگ کي راضي ڪيو وڃي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ هنن کي اڳيان آندو وڃي ۽ هڪ نئين حڪومت جڙي.امڪان ته گهٽ نظر اچن ٿا پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي ايندڙ وقت ۾ ڪا سگهه ۽ حمايت ملي ٿي ته ايئن ئي ٿيندو ۽ نوان چهرا اقتدار ۾ اچن.پي ٽي آءِ اڳ ۾ به پ پ  شهيد ڀٽو جي سربراهه محترمه غنوا ڀٽو کي پي ٽي آءِ ۾ شريڪ ٿيڻ يا انتخابي اتحاد جي دعوت ڏئي چڪو هو. هونئن به سنڌ جا ماڻهو ۽ بيروزگار نوجوان پ پ  جي پراڻن چهرن سردارن پيرن ۽ وڏيرن کان تنگ اچي چڪا  آهن

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن اندر جيڪا بدامني، بدعنواني، اغوا و قتل غارت گيري ٿي آهي، سنڌ جي پاڻي زمينن تي قبضا ٿيا آهن انهن به سنڌي ماڻهن کي گهڻو مايوس ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هن ڀيري ان جا چونڊن تي به اثر پون.پ پ  اندر به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اندر اندر ۾  تبديلي چاهين ٿا، پر ڪنهن سبب خاموش آهن جو اهي مخالفن جو حشر ڏسي چڪا آهن. اهي به اطلاع گردش پيا ڪن ته پ پ  قيادت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ  لاءِ پارٽي ۾ نوان نوجوان چهرا پارٽي ۾ متعارف ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ پارٽي پاليسي ۾ تبديلي آڻيندا. جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ کي ختم ڪرڻ  لاءِ وڏو عرصو اڃا درڪار آهي جنهن جو مثال مڪاني ادارن جي تازين ضمني چونڊن ۾ به پ پ پ کي وڏي سرسي حاصل ٿي آهي.بلاول ڀٽو زرداري جو وفاق خاص ڪري پنجاب مخالف بيان به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پ پ پ سنڌ ۾ پنهنجي سياسي سوچ تبديل ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن کي اڳيان آڻي انهن جي حق ۾ مطالبا پئي ڪري.

سنڌ کي سياسي توڙي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ ۾ به پنجاب جو وڏو هٿ آهي جيڪو سنڌ جي ماڻهن کي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو جواز بڻائي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه  لاءِ راهه هموار پيو ڪري جنهن ۾ نون ڪئنالن جي اڏوات به شامل آهي جنهن تي پ پ  ۽ ٻيون سياسي پارٽيون توڙي قومپرست هن وقت هڪٻئي جي سامهون آهن ۽ ڪئنالن واري اشو تي پاڻ ۾ وڙهي به سگهن ٿيون.پ پ  وارن پڻ ڪالهه سنڌ ۾ ڪئنالن واري اشو تي احتجاج ڪيو جڏهن ته عام ماڻهن ۽ قومپرستن به ساڳي ڏينهن تي احتجاج ڪيا. سنڌ اسيمبلي توڙي جو مخالف ٺهراءَ پاس ڪيو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪئنال مخالف تقريرون ڪيون ويون پوءِ به سنڌ جو ماڻهو مطئمن ناهي ۽ صدر آصف زرداري کان جاري آرڊر ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. جيڪو شايد ئي صدر مملڪت ايئن ڪري جنهن سان پ پ  وفاق سان ويڙهاند ۾ هلي وڃي ۽ پنجاب به ڪئنالن ٺهڻ تي بضد آهي.جيڪڏهن ڪئنال ٺهن ٿا ته سنڌ  لاءِ وڏو سانحو هوندو ۽ سنڌ پنجاب وچ ۾ جهيڙو وڌي ۽ پ پ  جون سنڌ ۾ پاڙون ڪمزور ٿين ۽ سنڌ ڪنهن نئين سياسي تبديلي طرف هلي وڃي .

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن اندر جيڪا بدامني، بدعنواني، اغوا و قتل غارت گيري ٿي آهي، سنڌ جي پاڻي زمينن تي قبضا ٿيا آهن انهن به سنڌي ماڻهن کي گهڻو مايوس ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هن ڀيري ان جا چونڊن تي به اثر پون.پ پ  اندر به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اندر اندر ۾  تبديلي چاهين ٿا، پر ڪنهن سبب خاموش آهن جو اهي مخالفن جو حشر ڏسي چڪا آهن. اهي به اطلاع گردش پيا ڪن ته پ پ  قيادت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ  لاءِ پارٽي ۾ نوان  چهرا پارٽي ۾ متعارف ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ پارٽي پاليسي ۾ تبديلي آڻيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.